نااهل انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي لاپرواهي سبب نوشهروفيروز شهر 16 وارڊ گندگي جو ڍير بڻجي ويا آهن: مظاهرين
نوشهرو فيروز (ڊ ر)نوشهرو فيروز ۾ گندگي خلاف مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جو احتجاج، خبر موجب نوشهرو فيروز ۾ وڌندڙ گندگي، شهر کي نئون ڊرينيج سسٽم، رينچ مشين نه ڏيڻ، ويزا سسٽم ۽ ڪرپشن خلاف مختلف سياسي سماجي تنظيمن آل جو پارٹیز الائینس سڏ تي مختلف تنظيمن جو الله واري چونڪ تی احتجاج ڪيو. احتجاج جي اڳواڻي اي پي اي اڳواڻ محمد يونس راڄپر، ايم ظفر تڳر، ايس يو پي اڳواڻ خادم سيال، مهر علي وسطڙو، علی نواز سولنگی جسم اڳواڻ مسرور چانڊيو، پ پ پ شهيد ڀٽو جو اڳواڻ خالد چانڊيو، بشارت کوسو، فقير ميهر علي بهڻ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻ چيو ته نوشهروفيروز جي نااهل انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي لاپرواهي سبب نوشهروفيروز شهر 16 وارڊ گندگي جو ڍير بڻجي ويا آهن، نوشهرو فيروز جا روڊ رستا، مين چوڪ ۽ هيٺائين وارا علائقا، قبرستانن ، اسڪولن ۽ مسجدن سامهون ڊرينيج جو گندو پاڻي بيٺل آھي جنهن ڪري شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ دڪاندارن جو ڪاروابار به ٺپ ٿي ويو آهي هر طرف گندگي جا ڍير هجڻ ڪري شهر کنڊر جو ڏيک ڏئي رهيو آهي ميونسپل ڪاميٽي جي 3 ڪروڙ کان وڌيڪ بجيٽ آھي پر افسوس اها ڪوڙن ووچرن وسيلي هڙپ ڪئي وڃي ٿي صفائي ڪندڙ سوين ملازمن کي ويزا تي ڇڏيو آھي هنن اعلا اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ميونسپل چيئرمين، ميونسپل آفيسر ۽ آڊٽ آفيسر خلاف جاچ ڪري ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.
0 تبصرے