شھرين کي يقين ڏياريان ٿو ته اسپتال جا مسئلا ھفتي اندر حل ڪري دوائن جي کوٽ ختم ڪئي ويندي: ڊاڪٽر گلزار تنيو
وڳڻ (رپورٽر) وڳڻ جي سرڪاري اسپتال رورل ھيلٿ سينٽر ۾ دوائن عملي جي کوٽ ۽ شھرين جي احتجاج جو نئين مقرر ڊي ايڇ او ڊاڪٽر گلزار تنيو نوٽيس وٺي ڇڏيو نئين مقرر ٿيل ڊي ايڇ او ڊاڪٽر گلزار تنيو ٽائون چيئرمين خليل خان وڳڻ چانڊڪا اسپتال جي ايڊيشنل ايم ايس ڊاڪٽر محمود وڳڻ سان گڏ اسپتال جو دورو ڪيو ان موقعي تي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر گلزار تنيو چيو ته وڳڻ جي سرڪاري اسپتال ۾ منھنجي مقرريء کان اڳ دوائن ۽ عملي جي کوٽ خلاف شھري احتجاج ڪندا ھئا جنھنجو مون نوٽيس ورتو آھي مان شھرين کي يقين ٿو ڏياريان ته وڳڻ جي سرڪاري اسپتال جا مسئلا ھڪ ھفتي اندر حل ڪري دوائن جي کوٽ ختم ڪري عملي کي پنھنجيل ڊيوٽي مڪمل پابنديء سان ڪرڻ لاء چيو آھي ڊيوٽي ۾ غفلت ڪندڙ ڪنھن به عملدار کي بخش نه ڪيو ويندو وڳڻ جي سرڪاري اسپتال ۾ ھن وقت ايمبولنس جي سھولت فراھم ڪئي آهي اڄ ئي ھڪ ننڍڙيء جو لاش سرڪاري اسپتال جي ايمبولنس ذريعي سندس گھر پھچايو آھي جڏھن ته سرڪاري اسپتال ۾ علاج لاء ايندڙ مريضن کي مڪمل طور تي علاج سان گڏ دوائون فراھم ڪرڻ لاء اڃان به وڌيڪ ڪم ڪيو ويندو وڳڻ شھر جي اسپتال انڊس ھاء وي تي ھئڻ ڪري اتي حادثن ۾ زخمي ٿيندڙ پڻ اچن ٿا انڪري اسپتال جي ايمرجنسي کي پڻ وڌيڪ فعال بڻايو ويندو ته جيئن ھتي ايندڙ مريضن کي صحت جون مڪمل سھولتون حاصل ٿي سگھن،
0 تبصرے