English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ ۽ پريشر گهٽجڻ خلاف احتجاج، گئس آفيس آڏو ڌرڻو
views
|
20th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
سجاول (رپورٽ گلشيرميربحر) سجاول ۾ شهرين پاران گئس جي ھٿرادي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، پ ٽ الف سجاول جي استادن شاگردن ۽ شهرين گيس آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري گيس انتظاميه خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي . ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي پ ٽ الف جي استادن محمدعمرميمڻ، نجيب سرويچ، لطف الله ميمڻ، عبدالشڪورميربحر، خالد سمون، احمدملاح، جي يو آئي اڳواڻ اشرف ميمڻ، مجلس وحدت المسلمين سجاول جو اڳواڻ حاجي مظفرعلي لغاري، واپاري نياز ميمڻ. ڊاڪٽرهوت چند ۽ ٻين چيو ته سجاول ضلعو قدرتي وسيلن سان مالامال آهي پر افسوس گيس انتظاميه گذريل هڪ مهيني کان گيس جي هٿرادي کوٽ پيدا ڪري هتي جي مقامي ماڻھن کي گيس فراهمي کان محروم ڪيو ويو آهي . صبح جو 8 بجي ٻارن جي اسڪول وڃڻ جي ٽائيم تي گيس بند ڪيو وڃي ٿو جنهن سبب شاگرد بغيرناشتي جي اسڪول وڃن ٿا، هنن چيو ته اهڙي شڪايت اسان گيس انتظاميه کي ڏني آهي پر ان باوجود اڃاتائين ڪوبه عمل نه ٿي سگهيو آهي. هنن چتاءُ ڏنو ته گيس جي بندش ختم نه ڪئي وئي ته پ ٽ الف سجاول پاران برانچ موري تي قومي شاهراه بند ڪري احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو، ڌرڻي جي هڪ ڪلاڪ بعد اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر سنڌ پ پ پ ايم پي اي ريحانه لغاري مظاهرين وٽ پهچي گيس انتظاميه کي گهرائي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ چيو جنهن تي گيس انتظاميه شهرين کي ٻن ڏينهن ۾ گيس جي فراهمي مهيا ڪري ڏيڻ جو واعدو ڪيو. جنهن بعد مظاهرين ڌرڻو ختم ڪيو. ٻي پاسي جي يو آئي سجاول پاران گيس جي اڻ علانيه لوڊشيڊنگ خلاف جي يو آئي اڳواڻ اشرف ميمڻ جي اڳواڻي ۾ جامع مسجد کان پبلڪ پارڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري ۾ جي يو آئي ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سجاول شهر ۾ گيس جو هٿرادو بحران پيدا ڪري شهرين سان وڏو ظلم ڪيو پيو وڃي گيس نه ھجڻ ڪري شهري هوٽلن تان کاڌو وٺي اچڻ تي مجبورٿي ويا آھن. هنن ضلع انتظاميه کي مطالبو ڪندي چيو ته سجاول شهر ۾ گيس جي فراهمي کي يقني بنائي شهرين جي پريشانين کي ختم ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Nov 2025
•
پاکستان
ایف ایف سی کو "کمپنی آف دی ایئر ایوارڈ" سے نوازا گیا
12th Nov 2025
•
تازہ ترین
قومی اسمبلی میں 27ویں آئینی ترمیم پیش — حکومت کی پوزیشن مضبوط، اپوزیشن کا واک آؤٹ
12th Nov 2025
•
تازہ ترین
نواز شریف کی قومی اسمبلی آمد — ایوان میں لیگی ارکان کا پرتپاک استقبال، بلاول بھٹو نے بھی مصافحہ کیا
12th Nov 2025
•
تازہ ترین
قومی اسمبلی میں ہنگامہ — محمود خان اچکزئی نے 27ویں آئینی ترمیم کے بل کی کاپی پھاڑ دی
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ اينٽي ھيومين ٽريفڪنگ جو اجلاس
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
سامارو شھر ۾ اي سي سنجي ڪمار ترڪيو پاران کلي ڪچري منعقد
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ورلڊ بينڪ جي ٽيم پاران ڳاڙهو، ڪيٽي بندر ۽ گهوڙا ٻاري جا دورا
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جو ايس ايس پي پئسي جو شوقين آھي، کيس جلد گهر ڀيڙو ڪرايو ويندو: نواب تيمور ٽالپر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سجاول
گئس
0 تبصرے