English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ ارڙي جي ويڪسين مهم بابت اجلاس ٿي گذريو
17 views
|
23rd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
17نومبر کان شروع ٿيندڙ ارڙي مهم بابت انتظامن جو جائزو ورتو ويو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويدُ الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ضلعي عمرڪوٽ ۾ 17 نومبر کان 29 نومبر 2025ع تائين هلندڙ ارڙي جي ويڪسين مهم بابت هڪ اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي درٻار ھال ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ صحت کاتي جا آفيسر، اي پي آءِ (Expanded Programme on Immunization) جا نمائندا ۽ لاڳاپيل ادارن جا آفيسر شريڪ ٿيا، ان موقعي تي اجلاس دوران اي پي آءِ جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر شير مھر ضلعي عمرڪوٽ ۾ جاري ارڙي جي ويڪسين مهم بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، هن ٻڌايو ته مهم دوران سموري ضلعي ۾ 6 مهينن کان 59 مهينن تائين جي عمر جي ٻارن کي ارڙي جي بيماري کان بچاءَ جي ويڪسين ڏني پئي وڃي ته جيئن بيماريءَ جي پکڙجڻ کي مؤثر طريقي سان روڪي سگهجي، ان موقعي تي ڊاڪٽر شير مھر وڌيڪ چيو ته مهم جي ڪاميابي لاءِ صحت کاتي جون ٽيمون گهر گهر وڃي ٻارن کي ويڪسين ڏئي رهيون آهن، جڏهن تہ والدين ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ مختلف سرگرميون پڻ جاري آهن، ھن ٻڌايو ته ھن مهم ۾ ڪل 241 سوشل موبلائيزر، 35 سپروائيزر ۽ 103 آئوٽ ريچ ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويدُ الرحمان لاڙڪ سڀني لاڳاپيل کاتن کي ھدايت ڪئي ته هو ھن ويڪسين مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪن ۽ ڪو به ٻار ويڪسين کان محروم نه رهي، هن چيو ته ٻارن جي صحت حڪومت جي اولين ترجيح آهي، تنهنڪري سڀ ٽيمون پنهنجي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر ڪن، ان موقعي تي اجلاس ۾ مهم جي ڪارڪردگي، درپيش مسئلن ۽ ايندڙ لائحه عمل تي به تفصيلي غور ڪيو ويو، ان موقعي تي اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو عمران، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو و پٿورو سنجي ڪمار ترڪيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، ڊائريڪٽر پرائيوٽ اسڪول محمد خان، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر لڇمن داس، ايم ايس سول اسپتال عمرڪوٽ ڊاڪٽر فريد احمد، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر نور محمد شيخ، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن اي پي آئي ڊاڪٽر شير مھر، پوليو جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجئہ ڪمار، ڊي ايم پي پي ايچ آئي شرف الدين ميمڻ سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جا عملدار پڻ موجود هئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Dec 2025
•
سندھ
کراچی: پسند کی شادی کرنے والے میاں بیوی کو قتل کر دیا گیا
01st Dec 2025
•
پاکستان
سوشل میڈیا دوستی کا خطرناک انجام: سابق جیل افسر نے دوست کو قتل کر دیا
01st Dec 2025
•
تازہ ترین
"میئر کراچی نے سارے ادارے اپنے قبضے میں لے رکھے ہیں" — حافظ نعیم الرحمٰن کی سخت تنقید
01st Dec 2025
•
تازہ ترین
"اگر ہمت ہے تو گورنر راج لگا کر دیکھیں" — وزیراعلیٰ خیبر پختونخوا سہیل آفریدی کا دوٹوک اعلان
01st Dec 2025
•
سندھ
کراچی: پسند کی شادی کرنے والے میاں بیوی کو قتل کر دیا گیا
01st Dec 2025
•
پاکستان
سوشل میڈیا دوستی کا خطرناک انجام: سابق جیل افسر نے دوست کو قتل کر دیا
01st Dec 2025
•
تازہ ترین
"میئر کراچی نے سارے ادارے اپنے قبضے میں لے رکھے ہیں" — حافظ نعیم الرحمٰن کی سخت تنقید
01st Dec 2025
•
تازہ ترین
"اگر ہمت ہے تو گورنر راج لگا کر دیکھیں" — وزیراعلیٰ خیبر پختونخوا سہیل آفریدی کا دوٹوک اعلان
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
0 تبصرے