سجاول پوليس جي ڪارروائي، 4 روپوش ڏوهارين سميت 6ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

سجاول پوليس جي ڪارروائي، 4 روپوش ڏوهارين سميت 6ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

سجاول(رپورٽر)ضلع سجاول پوليس جا سڄي ضلعي ۾ ڏوهارين. روپوش اشتهاري ۽ منشيات فروشن جي خلاف ڪاروايون جاري. دهشتگردي جي ڪيس ۾ گھربل 4 روپوش ڏوهارين سميت هڪ ڪرمنل غيرقانوني اسلحو ۽ منشيات فروش ديسي شراب ٺرو سميت گرفتار. تفصيل موجب. ايس ايس پي سجاول ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو جي هدايتن تي روپوش. اشتهاري ۽ ڏوهارين خلاف جاري مھم ۾ ضلع جي مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ ڪامياب ڪاروايون جاري. ايس ايڇ او بٺورو آفتاب احمد جاگيراڻي جي ڪامياب ڇاپا مار ڪاروائي جي نتيجي ۾ atc ڪورٽ جا 4 روپوش ڏوهاري گرفتار ڪري ورتا. جن ۾ ذوالفقار چانڊيو. زاهد چانڊيو اياز چانڊيو ۽ وارث علي چانڊيو شامل آهن. گرفتار روپوش ڏوهاري بٺوري ٿاڻي تي ڪيسن ۾ گهربل هئا. ايس ايڇ او بٺورو جي ٻي ڪامياب ڪارروائي منشیات فروش ڏوهاري جاويد چانڊيو 10 ليٽر ديسي شراب ٺرو سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ايس ايڇ او سجاول مير محمد گاڏهي جي گهوٽارو موري ويجھو ڪامياب ڪارروائي هڪ ڏوهاري رحمان ملاح کي غيرقانوني هٿيار ٽي ٽي پسٽل ٽن گولين سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي