گهگهر ۾ هٿياربندن جي دڪان تي فائرنگ، نوجوان مارجي ويو

هٿياربندن جي فائرنگ ۾ دڪاندار سرفراز شر زخمي ٿيڻ بعد ايمبولينس دير سان پهچڻ سبب دم ڏئي ڇڏيو

گهگهر ۾ هٿياربندن جي دڪان تي فائرنگ، نوجوان مارجي ويو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گهگهر ۾ هٿياربندن جي دڪان تي، فائرنگ ۾ نوجوان دڪاندار مارجي ويو، پوليس ۽ امدادي رضاڪارن جي دير سان پهچڻ سبب نوجوان تڙپي تڙپي فوت، گهر ۾ ماتم، سيڪيورٽي گارڊن جي ڊريس پاتل ٻن موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن مارڪيٽ پهتا جن مان هڪ ڄڻي دڪاندار ۾ گهڙي سڌي فائرنگ ڪري ڏني، واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو آهي جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، پوليس تفصيل موجب گهگهر ۾ قومي شاهراهه لڳ مک مارڪيٽ ۾ هٿياربندن زين ڪميونيڪيشن دڪان تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ دڪان ۾ موجود سرفراز شر نالي نوجوان دڪان مالڪ سخت زخمي ٿي پيو پوليس ۽ امدادي رضا ڪار جي دير سان پهچڻ سبب نوجوان اسپتال نيندي تڙپي تڙپي دم ڏنو اطلاع تي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو ۽ علائقي ۾ خوف ڇا نجي ويو، ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته سيڪورٽي گارڊ جا ڪپڙا پهريل 2 موٽر سائيڪل سوار مارڪيٽ ۾ پهتا جن مان هڪ ڄڻي دڪاندار تي سڌي فائرنگ ڪري ڏني پوليس موجب واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو آهي جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو،