پي ٽي آءِ وارا ٽن ڏينهن ۾ پهتا ۽ ٽن منٽن ۾ ڀڄي ويا: سيد ناصر شاهه

پيپلز پارٽي جو هڪ ئي موقف آهي ته سنڌ جي مفادن تي ڪا سوديبازي نه ڪنداسين: صوبائي وزير

پي ٽي آءِ وارا ٽن ڏينهن ۾ پهتا ۽ ٽن منٽن ۾ ڀڄي ويا: سيد ناصر شاهه

سکر (بيورو) پ پ جي صوبائي وزير سيد ناصر شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سکر: ٽن ڏينهن ۾ پهتا ۽ ٽن منٽن ۾ ڀڄي ويا، پيپلز پارٽي جو هڪ ئي موقف آهي ته سنڌ جي مفادن تي ڪا سوديبازي نه ڪنداسين، ملڪي حالتون سڀني سامهون آهن، ڏڦيڙ پکيڙيندڙ ٽولي جو ڪم ڏڦيڙ پکيڙڻ آهي، ٽن ڏينهن ۾ پهتا ۽ ٽن منٽن ۾ ڀڄي ويا، هي فلاپ شو آهي، ڪفن دفن جي ڳالهين سان حل نه نڪرندو، اڳواڻ کي ڇڏرائڻ آيا هئا پنهنجي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرائي ويا، اسان گورنر راڄ جي حق ۾ ناهيون، پنهنجي ڪارڪنن کي مشڪل ۾ وجهڻ وارن کي شرم اچڻ گهرجي، هنن ميڊيا تي حملو ڪيو، سوشل ميڊيا تي ماڻهن کي اڪسائيندا آهن، بيلاروس جو صدر اسلام آباد ۾ موجود آهي، ڪي پي جو وڏو وزير ڏڦيڙ پکيڙڻ ۾ مصروف آهي، سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب مان ماڻهن نه ويا هئا، هو صرف ڪي پي مان جٿا وٺي ايندا آهن، ڪرائي جا ماڻهو آندا ويا هئا جن ۾ افغاني شهري به شامل هئا.