English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ پوليس ۽ ڏوھارين ۾ مبينا مقابلا، ٻه ڄڻا مارجي ويا، ٻه زخمي
91 views
|
24th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ضلعي ملير ۾ پوليس ۽ ڏوھارين جي وچ ۾ ٻن ڌار ڌار مقابلن دوران ٻه ڏوهاري مارجي ويا جڏهن تہ ٻه زخمي ۽ سندن ٻيا ساٿي اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا۔ پوليس موجب ٻنهي هنڌن تان هٿيار، گوليون، روڪ رقم، زيور ۽ موبائل فونز هٿ ڪيا ويا آهن پوليس مطابق پهريون مقابلو ميمڻ ڳوٺ جي مصطفيٰ هائوسنگ سوسائٽي جي حدن ۾ ٿيو جتي اطلاع ملي هئي ته 5 کان 6 هٿياربند گهر اندر ڦرلٽ ڪرڻ بعد ڀڄي رهيا آهن۔ پوليس ٽيم موقعي تي پهتي ته ڏوهارين فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن تي پوليس پاران به جوابي فائرنگ ڪئي وئي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو جڏهن تہ باقي ساٿي فرار ٿي ويا پوليس موجب مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ عامر ۽ زخمي جي سڃاڻپ فياض جي نالي سان ٿي آهي۔ واقعي واري هنڌ تان پسٽل، گوليون، ڦريل موبائل فون، نقد رقم، سونا ۽ ڪپڙا هٿ ڪيا ويا۔ زخمي ڏوهاري کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهنتہ ڀڄي ويل ڏوهارين جي ڳولا جاري آهي ٻيو مقابلو شاه لطيف ٽائون جام ڪنڊو مريم روڊ جي ڀرسان پيش آيو، جتي پوليس ۽ ڏوهارين ۾ فائرنگ دوران هڪ ڏوهاري مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿيو۔ پوليس موجب مارجي ويل ڏوهاري اڃا تائين نامعلوم آهي، جڏهنتہ زخمي جي سڃاڻپ غلام رسول ولد محمد خان، عمر 40 سال طور ڪئي وئي آهي۔ ٻنهي کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي واقعن ۾ مارجي ويل ۽ زخمي ڏوهاري ممڪن طور ڪنهن منظم ڦرلٽ ڪندڙ ٽولي سان تعلق رکن ٿا۔ پوليس ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ۾ پوليس ۽ ڏوھارين
0 تبصرے