English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پوليو جي عالمي ڏينهن تي مڪلي ۾ آگاهي ريلي، عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ تي زور
75 views
|
24th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگير شيخ جي اڳواڻي ۾ آگاهي ريلي ڪڍي وئي
ٺٽو( شفيق ڀٽي)پوليو جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگير شيخ جي اڳواڻي ۾ سول اسپتال کان مين نيشنل هاءِ وي مڪلي تائين آگاهي ريلي ڪڍي وئي. ريلي جو مقصد پوليو جي خاتمي لاءِ عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۽ ويڪسينيشن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ هو. ريلي ۾ پروگرام مئنيجر مرف آدم ملڪ، ايڊيشنل سول سرجن ڊاڪٽر عنايت بلوچ، ايم ايس ساڪرو ڊاڪٽر ممتاز چوهاڻ، اين اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر راجيش ڪمار، ضلعي ڪوآرڊينيٽر اين آر ايس پي ڊاڪٽر آڪاش کان علاوه مختلف کاتن جي آفيسرن ۽ عملي، ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف، ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگير شيخ ۽ ٻين چيو ته پوليو هڪ خطرناڪ بيماري آهي جيڪا ٻارن کي زندگي ڀر لاءِ معذور ڪري سگهي ٿي. هنن چيو ته عالمي پوليو ڏينهن اسان کي پنهنجي ايندڙ نسلن کي هن خطرناڪ بيماري کان هميشه لاءِ محفوظ رکڻ جي عزم جي تجديد جو پيغام ڏئي ٿو، تنهن ڪري والدين جو فرض آهي ته اهي پنهنجن پنجن سالن تائين عمر جي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا ضرور پيارين. هنن چيو ته حڪومت ۽ صحت کاتو عوامي تعاون سان پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهن. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن پنھنجي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيا هئا جن تي پوليو خلاف نعرا لکيل هئا ۽ "پوليو کان پاڪ پاڪستان" جي عزم کي ورجايو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
تازہ ترین
علیم خان نے نئے صوبوں کے لیے تحریک چلانے کا اشارہ دے دیا
11th Jan 2026
•
دنیا
امریکا اور اسرائیل انتشار پھیلا رہے ہیں، عوام متحد رہے: ایرانی صدر
11th Jan 2026
•
پاکستان
ہم صومالیہ کی سلامتی کی حمایت کرتے ہیں، اسرائیلی اقدامات امن کے لیے خطرہ ہیں: اسحاق ڈار
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گسٽا سنڌ جي اڳوڻي صدر الهرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي تعزيت جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
پوليو جي عالمي ڏينهن تي مڪلي ۾ آگاهي ريل
0 تبصرے