English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺل ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف ريلي
views
|
04th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ کي سڪائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي جيڪو قبول نه ڪيو ويندو: اڳواڻ
ٺل(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ ضلعي جيڪب آباد پاران ٺل شهر ۾ سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظهر راهوجو ۽ مرڪزي سينئر نائب صدر ايڊووڪيٽ روشن ڪنراڻي ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مين بس اسٽاپ تي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ريلي کي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجي خطاب ڪندي چيو تہ نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ کي سڪائڻ جو منصوبو آهي جنهن کي سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن بہ قبول نہ ڪندا ۾ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي. سنڌو درياھ سنڌ جو ساھ آھي 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌو درياھ جو وجود ختم ٿيڻ سان زرخيز سنڌ مڪمل بنجر ٿي ويندي. ملڪ جي ترقي ناهي سنڌ تباھ نہ ڪيو وڃي. مظھر راھوجي چيو تہ سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي حق حڪمراني کان پري رکي انهن کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مختلف ڪمپنين کي ڏئي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي سنڌ کي بنجر بنائڻ جو منصوبو آھي. آصف علي زرداري کي سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍڻ جو ڪو بہ اختيار ناھي.6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو سنڌ جي ڪروڙين ماڻھن کي پاڻي جي ڦڙي ڦرڙي لاءِ تڙپائي مارڻ ۽ لکين ايڪڙ زمين بنجر بنائي سنڌ کي معاشي طور قتل ڪرڻ جو منصوبو آھي. پيپلز پارٽي اقتدار عيوض سنڌ جو پاڻي ۽ وسيلا وڪڻي ڇڏيا آھن. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ايڊووڪيٽ روشن ڪنراڻي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌو درياھ جي وھڪري ۾ رڪاوٽون وجھڻ وارو چولستان ڪئنال سميت ڪو بہ منصوبو قبول ناھي. نواز ليگ، پيپلزپارٽي، ارسا ۽ واپڊا ھميشہ سنڌ کي ڀڙڀانگ ۽ بيابان بنائڻ وارا منصوبا جوڙيا آھن. ڏيڍ سئو سالن کان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن. ٿل ڪئنال، چشمه جهلم لنڪ ڪينال ۽ ٻين ڌاڙيل واھن ذريعي سنڌ جو پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي. سنڌو درياھ تي ڌاڙي جي ڪري سنڌ ۾ لکين ايڪڙ زمين ڀڙڀانگ آھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي. سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ نہ ٿيڻ ڪري سمنڊ اڳتي وڌي آيو آھي ايڊووڪيٽ روشن ڪنراڻي چيو تہ چيو تہ سنڌ جي زرعي معيشت جي تباھي، سنڌو درياھ کي سڪائڻ وارا منصوبا ملڪ دشمن منصوبا آھن، انڪري ملڪ دشمن، درياھ دشمن منصوبا بند ڪيا وڃن. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي سمنڊ جو پاڻي زير زمين ستن ضلعن تائين پھچي ويو آھي۔ زھريلي پاڻي جي ڪري لکين ماڻھو ھيپاٽائيٽس، چمڙي ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
18th Apr 2025
•
تازہ ترین
خیرپور: ببرلوءِ بائی پاس پر وکلاء کی قيادت میں دریائے سندھ سے نئے کینال نکالنے والے سندھ دشمن فیصلے کے خلاف دھرنا جاری، ہزاروں افراد کی شرکت
16th Apr 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مورو پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون، 10 کان وڌيڪ گرفتار
16th Apr 2025
•
سندھ
کراچی میں ٹریفک قوانین کی خلاف ورزی, ایک ہفتے کے دوران 11,276 موٹر سائیکلیں اور 223 بھاری و ہلکی گاڑیاں ضبط
16th Apr 2025
•
تازہ ترین
بی این پی مینگل کا 20 روز سے جاری دھرنا ختم کرنے کا اعلان
18th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ٺاهڻ واري سنڌ دشمن فيصلي خلاف وڪيلن جو ٻٻرلوءِ باء پاس تي ڌرڻو ، هزارين ماڻهو شريڪ
18th Apr 2025
•
تازہ ترین
خیرپور: ببرلوءِ بائی پاس پر وکلاء کی قيادت میں دریائے سندھ سے نئے کینال نکالنے والے سندھ دشمن فیصلے کے خلاف دھرنا جاری، ہزاروں افراد کی شرکت
16th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي مان اغوا ڄاڻايل ناري خيرپور واسي سئوٽ سان پرڻو ڪري ڇڏيو
16th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ڌڻي پرتو ڳوٺ ۾ پاڪستان پبلڪ اسڪول ۾ سالياني امتحانن ۾ پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺل
قومي عوامي تحريڪ
سنڌو درياءَ
0 تبصرے