اڳوڻي صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو پاران پنهنجي تڪ جي اسڪولن جا دورا

محمد ساجد جوکيو تعليم کاتي جي عملدارن سان گڏ اسڪولن جا دورا ڪري سهولتن جو جائزو ورتو

اڳوڻي صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو پاران پنهنجي تڪ جي اسڪولن جا دورا

ملير (درياخان شر) ملير تڪ جي چونڊيل ايم پي اي اڳوڻي صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو تعليم کاتي جي آفيسرن ڊي او سيڪنڊري امتياز حسين انڙ ڊي او پرائمري اقبال ميمڻ اسسٽنٽ ايجوڪيشن آفيسر منظور احمد ميمڻ ٽي اي او گڏاپ سليمان بلوچ وائيس چئيرمين سليم ميمڻ ۽ ٻين سان گڏ ميمڻ ڳوٺ جي گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول ،گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول، گورنمينٽ گرلز لوئر سيڪنڊري اسڪول جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو اسڪولن ۾ سهولتن جي کوٽ توڙي ٻين مسئلن جي حوالي سان اسڪول انتظاميا کان آگاهي ورتي، ايم پي اي محمد ساجد جوکيو اسڪول انتظاميا پاران نشاندهي ڪيل مسئلن جي حل لاءِ فوري طور تي لاڳاپيل تعليم کاتي جي آفيسرن کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته ميمڻ ڳوٺ ٻهراڙين جو مرڪز آهي هتان جي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ ميمڻ ڳوٺ سميت ملير جي مختلف ڳوٺن سان تعلق رکندڙ شاگرد توڙي شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن، سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جي معيار توڙي مڪمل سهولتن جي فراهمي جي عمل لاءِ ذاتي ڪوششون وٺي رهيو آهيان, اسڪولن جي انتظاميا پاران مرمت توڙي ٻين لاڳاپيل نشاندهي ڪيل مسئلن جي حوالي سان ورڪس کاتي جي آفيسرن سان ملاقات ڪري کين سمورا مسئلا جلد حل ڪرڻ لاءِ چوندس هن چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ استادن جو ڪردار اهم آهي هن اميد جو اظهار ڪندي چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾تعليم حاصل ڪندڙ اسان جي مستقبل جا معمار آهن انهن کي بهتر تعليم توڙي تربيت جي فراهمي جي لاءِ استاد وڌيڪ محنت ڪندا ۽ ٻارڙن کي پنهنجو ٻچو سمجهي توجهه سان پڙهائيندو ته اهو ئي ٻار اڳتي هلي پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ ساڳئي جذبي سان محنت ڪندو، جڏهن ته والدين به پنهنجي ٻارڙن کان روزاني جي بنياد تي پڙهائي جي حوالي سان معلومات وٺن شڪايت جي صورت اسڪول انتظاميا توڙي مقامي نمائندن سان ملاقاتون ڪري کين مسئلن جي ڪوتاهين جي نشاندهي ڪرائي پنهنجو قومي فرض ادا ڪن ايم پي اي محمد ساجد جوکيو چيو ته جلد ٻيهر اسڪولن جو دورو ڪري نشاندهي ڪيل مسئلن تي ٿيندڙ اڳڀرائي جي حوالي سان معلومات وٺي مستقبل جي رٿابنديءَ تحت ڪم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکبيون ان موقعي تي سابقه ڊسٽرڪٽ ميمبر ابوبڪر ميمڻ شفيع بروهي ڪريم بخش بروهي بابو خاصخيلي صديق ڄاموٽ اعزاز جوکيو عبدالقادر درس عبدالغفور جوکيو الطاف خاصخيلي اختر خاصخيلي ٻيا پڻ موجود هئا