اياز لطيف پليجو: سنڌ جي حقن جي جنگ جو اڻٿڪ سپه سالار

سانول گوپانگ

اياز لطيف پليجو: سنڌ جي حقن جي جنگ جو اڻٿڪ سپه سالار

اياز لطيف پليجو جي 56هين سالگرھ جي موقعي تي....

سنڌ جنهن کي تاريخ ۾ هڪ اهم جاگرافي ۽ ثقافتي ورثو حاصل آهي، جتي ڪيترين ئي اهڙين عظمتن کي جنم ڏنو ويو آهي، جن پنهنجي سموري زندگي هن قوم، هن وطن ۽ هن جي عوام لاءِ پنهنجي حوصلي، محنت ۽ قرباني سان وقف ڪري ڇڏي آهي. انهن عظيم شخصيتن ۾ هڪ اهم ۽ ممتاز نالو آهي جنهن پنهنجي زندگي سنڌ جي عوام، ان جي حقن ۽ ان جي مستقبل جي خاطر وقف ڪئي آهي، اهو آهي اياز لطيف پليجو جنهن پنهنجي هر عمل، ڳالهه ۽ جدوجهد سان سنڌ کي هڪ نئين سمت ڏني آهي. اياز لطيف پليجو جو ابتدائي سفر علم ۽ شعور جي حصول سان شروع ٿيو، جتي هن دنيا جي مختلف يونيورسٽين مان انجنيئرنگ، وڪالت، ماحوليات، پاڻي، ڳوٺاڻي ترقي ۽ انساني حقن جي اهم شعبن تعليم حاصل ڪئي. ان کان پوءِ اياز صاحب پنهنجي عملي زندگي جي شروعات سازدا، آڪسفيم ۽ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪندي ڪئي. ان کان پوءِ هن ايريگيشن ڊپارٽمينٽ مان ايڪسين جي نوڪري تان استعيفيٰ ڏئي وڪالت ۾ قدم رکيا ۽ پنهنجي حقن جي جنگ جو هڪ نئون باب شروع ڪيو. اياز لطيف پليجو پنهنجي صحافتي سفر دوران صبح ٿيندو ۽ تحريڪ رسالن ۽ لاٽ اخبار ۾ ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. مختلف اخبارن ۾ مضمون لکندو رهيو. ان سان گڏ پاڪستان جي مختلف يونيورسٽين سميت عالمي سطح تي اياز صاحب شاگردن ۽ نوجوانن کي مختلف موضوعن تي ليڪچر ڏيندو رهيو آهي.

محترم اياز لطيف پليجو ماضي ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي تي مختلف ڊرامن ۾ اداڪاري پڻ ڪئي، جنهن ۾ مشهور ڊرامو هٿئين گل مهندي شامل آهي.

سينيئر سياستدان، ماهر قانوندان، ليکڪ، چوٽي جي مقرر اياز لطيف پليجو پنهنجي علم، جدوجهد ۽ مضبوط دليلن سان سنڌ جي ڪيس کي بين الاقوامي سطح تي اجاگر ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي عوام جي حقن لاءِ عالمي سطح تي هڪ مضبوط آواز بلند ٿيو آهي. هو هميشه پنهنجي وطن ۽ قوم جي حقن لاءِ آواز بلند ڪندو رهيو آهي.

اياز لطيف پليجو پنهنجي سياسي سفر دوران سنڌ جي عوام کي هڪ نئين اُميد ۽ حوصلو ڏنو آهي، ۽ ان جي قيادت ۾ سنڌي عوام پنهنجي حقن لاءِ آواز اُٿارڻ ۾ همت حاصل ڪئي. ان جي محنت ۽ عزم سان هڪ مضبوط سياسي محاذ ٺهيو، جنهن ۾ اتحاد ۽ جدوجهد جي اهميت اجاگر ڪئي وئي.

2009ع ۾ قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي صدر بڻجڻ کانپوءِ، اياز لطيف پليجو نہ رڳو سنڌ جي سياست ۾ نيون روايتون قائم ڪيون پر عوامي شعور کي بہ نئين جِلا بخشي.

اياز لطيف پليجي جي قيادت ۾ سنڌ جي وحدت تي ٿيندڙ حملن ۽ قدرتي وسيلن جي ڦرمار خلاف وڏي پئماني تي تحريڪون هلائيون ويون. مهاجر صوبي جي سازش خلاف "محبت سنڌ ريلي" کان وٺي چشمه جهلم لنڪ ڪئنال، ٻٽي بلدياتي نظام، ڪرپشن، ۽ ڪوڙي آدمشماري خلاف احتجاجن جو سلسلو جاري اڄ بہ جاري آهي. ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي تائين پيادل لانگ مارچ ۽ ڪراچي کان اسلام آباد تائين ٽرين مارچ جهڙا تاريخي قدم اياز لطيف جي جرئت ۽ عزم جا شاهڪار آهن.

اياز لطيف پليجو جي سياسي سرگرمين جو دائرو نہ صرف قومي پر بين الاقوامي سطح تي بہ محسوس ڪيو ويو آهي. هو مختلف عالمي فورمن تي سنڌ جي حقن لاءِ مضبوط ۽ دليلن تي ٻڌل موقف پيش ڪري چڪو آهي، جنهن ڪري سنڌ جي عوام کي هڪ اهڙي قيادت ملي، جيڪا عالمي سطح تي سندن حقن جي نمائندگي ڪري سگهي ٿي.

اياز لطيف پليجو پنهنجي عوامي انداز ۽ فڪري پختگي سان سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ خاص جاءِ والاري آهي. هو عوامي مسئلن تي نہ رڳو پنهنجي پارٽي پر سموري سنڌ جي عوام جي آواز بڻجي ٿو. سنڌ جي نوجوانن لاءِ اياز لطيف پليجو هميشه اُميد جي ڪِرڻ رهيو آهي، جيڪو کين مايوسي مان ڪڍي جدوجهد ۽ ڪاميابيءَ جي راهه تي هلڻ لاءِ حوصلا افزائي ڪندو رهيو آهي.

اياز لطيف پليجي ايم ڪيو ايم جي دهشتگردي جي دور ۾ وڏي بهادري سان مقابلو ڪيو. جڏهن ڪو بہ ايم ڪيو ايم جو نالو وٺڻ لاءِ تيار نہ هوندو هو، اياز لطيف پنهنجي والد رسول بخش پليجي وانگر هر مورچي تي ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن جي مقابلي لاءِ بيٺو رهيو. 22 مئي 2012ع جي ڪراچي ريلي ۾ ٿيل دهشتگردي، جنهن ۾ ڪيترائي معصوم ماڻهو شهيد ٿيا، اياز جي بهادري جو هڪ ٻيو مثال آهي.

چاهي سنڌ جي پاڻي جي ڦرمار هجي، ٻيٽن جي نيلامي، يا پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ حڪومت جا ظلم، اياز لطيف پليجو هميشه هر مسئلي تي نہ صرف آواز اٿاريو، پر دليلن ۽ حوصلي سان سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکي. سنڌ جي عوام اڄ به ان قيادت تي ڀروسو ڪري ٿي، جيڪا بيخوفي سان سندن حقن لاءِ هر محاذ تي ويڙهه ڪري رهي آهي.

اياز لطيف پليجو، پنهنجي علمي، ادبي ۽ انقلابي ورثي سان سنڌ جي سياست ۾ نئين روح ڦوڪي آهي. هن جي قيادت ۾ سنڌ جي عوام هڪ مضبوط ۽ منظم سياسي قوت بڻجي اڀري آهي. اياز لطيف نہ صرف ماضي جي عظمتن جو امين آهي پر مستقبل ۾ سنڌ جي خوشحالي ۽ خودمختياري لاءِ پڻ هڪ اميد جي صورت ۾ آهي.

اياز لطيف پليجو جي جدوجهد ۽ قيادت سنڌ جي سياست جو هڪ اهم ۽ روشن باب آهي. هو پنهنجي اصولن تي قائم، عوام جي حقن جو محافظ ۽ سنڌ جي وحدت جو اصل علمبردار آهي. سنڌ جا ماڻهو اياز لطيف کي پنهنجو سرواڻ سمجهي فخر محسوس ڪن ٿا، ۽ اهو يقين رکندا آهن ته سندس قيادت سنڌ جي مستقبل کي روشن ۽ محفوظ بڻائيندي. اياز لطيف پليجو 10 کان وڌيڪ ڪتابن جو مصنف آهي، جنهن ۾ سارون سپنا آزادي، ٽي مسافي ٽي شهر، دنيا پنهنجي ديس پرايا، باک جي ساک، روڪ جي روڪي سگهين، حق، قانون ۽ انصاف، قانون سڀني لاءِ، حلف سحر، دل شڪسته نه ٿيو، محبت سنڌ شامل آهن. ان سان گڏ، اياز صاحب هڪ موٽيويشنل اسپيڪر طور پڻ سڃاتو وڃي ٿو، جنهن پنهنجي زندگي جي تجربن ۽ ڄاڻ وسيلي ماڻهن ۾ حوصلو پيدا ڪري ۽ انهن کي اڳتي وڌڻ لاءِ متحرڪ ڪيو آهي.

اياز لطيف پليجو، سنڌي عوام لاءِ هڪ انمول تحفو آهي. سنڌ جا ماڻهو سندس قيادت مان نہ رڳو وڏيون اميدون رکن ٿا، پر پنهنجي روشن مستقبل جو خواب بہ ساڻس جوڙين ٿا.