سجاول پوليس جي ڪارروائي، 5 منشيات فروش گرفتار

ايس ايڇ او سجاول مير محمد گاڏهي جي نگراني ۾ ڪارروائي

سجاول پوليس جي ڪارروائي، 5 منشيات فروش گرفتار

سجاول (گلشيرميربحر )ضلع سجاول پوليس جون رات جو دير سان گھٽڪا ۽ منشيات فروشن خلاف ڪاروايون جاري. 5 ڏوهاري گرفتار 2680 گھٽڪا هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب. ايس ايڇ او سجاول مير محمد گاڏهي گشت دوران برانچ موري ويجھو ڪاروائي ڪندي گھٽڪا فروش ڏوهاري غفور ڪناد کي 400 گھٽڪن سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ايس ايڇ او سجاول جي ٻي ڪامياب ڪارروائي گشت دوران بدين روڊ باء پاس ملاح پمپ ڀرسان گھٽڪا فروش ڏوهاري مصري ملاح کي 430 گھٽڪن سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. انھن ڪارواين کان پوء جڏهن ايس ايڇ او سجاول مير محمد گاڏهي سان رابطي ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته منشيات فروش ۽ ڏوھارين کي ڪنھن بہ صورت ۾ بخش نہ ڪيو ويندو