راڳي ۽ سنڌ ۾ رواداري جي پرچارڪ فنڪار سيف سميجو افتتاح ڪيو
ننگر پارڪر (رپورٽر) سنڌ حڪومت جي صحت کاتي جي سهڪار سان جُڙيل "سنڌ انٽيگريٽيڊ ايمرجنسي هيلٿ سروسز(SIEHS) جي ريسڪيو ايمبولينس 1122 سروس جي افتتاحي تقريب رات ڪارونجهر جي هنج ننگرپارڪر شهر ۾ ٿي گذري. خوبصورت راڳي ۽ سنڌ ۾ رواداري جي پرچارڪ فنڪار سيف سميجو جي هٿن سان ٿيندڙ افتتاح ۾ ننگرپارڪر مان چونڊيل ايم پي اي محمد قاسم سومرو، سنڌ انٽيگريٽيڊ ايمرجنسي هيلٿ سروسز جي روح روان برگيڊيئر طارق قادر لاکير، ضلعي ڪائونسل ٿرپارڪر جي چيئرمين ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو ۽ ٻيا مُک مهمان بڻيل هئا. 1122 سروس جي سب اسٽيشن ننگرپارڪر جي بلڊنگ جي افتتاح کان پوءِ مک تقريب کي خطاب ڪندي ايم پي اي محمد قاسم سومرو چيو ته سنڌ ۾ اها مفت ايمبولينس سروس متعارف ڪرائڻ سنڌ حڪومت جو تمام خوبصورت تحفو آهي جنهن سان معاشي طور تي ڪمزور ماڻهن کي بغير ڪنهن انتظار جي مفت ۾ ايمرجنسي سروس توڙي مريضن جي منتقلي جي آساني حاصل ٿيندي پر انهي سان سمجهه شعور ۽ صحت بابت اڳاهي پڻ حاصل ٿيندي. هن چيو ته آئون ننگرپارڪر جي عوام کي بنيادي سهولتون ڏيڻ جي سمورن واعدن تي عملي ڪم ڪري رهيو آهيان ۽ اڃان به هتان جي رهواسين کي صحت، تعليم ، معاشي طور تي مظبوط ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي مدد سان دل جي علاج جي يونٽ سميت ٻين منصوبن کي تڪميل ڪرڻ جي ڪوشش جاري رکندس. برگيڊيئر طارق قادر لاکير چيو ته سنڌ ۾ اهڙي بهترين سروس مهيا ڪري ڏيڻ واري خاڪي جو بنيادي ڪم قاسم سومرو جي سوچ ۽ محنت سان ئي ممڪن ٿي سگهيو آهي، هن چيو ته سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ هن 1122 ايمبولينس سروس کي ڪاميابي سان هلائڻ لاءِ سنڌ حڪومت جو مڪمل سهڪار حاصل آهي. هن چيو ته ننگرپارڪر جي عوام کي اها سروس تمام گهڻي فائديمند ثابت ٿيندي. ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو چيو ته ٿرپارڪر ۽ خاص طور ننگرپارڪر ۾ اهڙي سروس جو هجڻ غريب ۽ بي پهچ ماڻهن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ قاسم سومرو صاحب جو شڪر گذار آهيان جو ٿرپارڪر جي ڏورانهن علائقن تائين انهي سروس کي پهچائي عوامي خدمت جو ثبوت ڏنو آهي. ان موقعي تي تي سروس جي ڊائريڪٽر آپريشن لطف علي منگريو آيل مهمانن کي آجياڻو پيش ڪيو جڏهن ته ريجنل مينيجر وزير زئنور ٿورا مڃيا. تقريب ۾ 1122 ايمبولينس سروس جي عملي پاران سروس جو ڊيمو پڻ پيش ڪيو ويو، جڏهن ته محفل موسيقي ۾ ماروي ۽ سانول گروپ، عباس فقير، شڪيلا نون، فقير ذوالفقار لنڊ ۽ ڪارو فقير پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، مزاح جي بادشاه اصغر کوسو فن جو مظاهرو ڪيو جڏهن ته مختلف اسڪولن جي ٻارن ٽيبلوز پيش پڻ ڪيا. پروگرام ۾ اڳوڻي صلاحڪار ويرجي ڪولهي، سردار خان کوسو، ڪريم ڏنو دل، فرحان انصاري، بنسي مالهي ، تيجوير سنگهه، غني خان کوسو، سڪندر هليو، تنيراج سنگھ، ڪريم سميجو، حنيف کوسو، سردار ڏيوجي مل، کاٽائو جاني، اختر سمون، جي آر جوڻيجو، عرفان جوڻيجو، مقامي ۽ ڪراچي مان آيل صحافين، مقامي چونڊيل نمائندن سميت سوين شهرين شرڪت ڪئي.
0 تبصرے