English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ھاري ڪارڊ سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيا ويندا ۽ لکين ماڻھن کي فقير بڻائي سندن توھين ۽ تذليل ڪئي ويندي: اياز لطيف پليجو
69 views
|
28th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت ھارين کي خيرات بدران بنيادي حق ڏئي، ھارين ۽ مزدورن جي ٻارن کي اسڪالرشپ ڏئي اعلي تعليم جا موقعا ڏنا وڃن
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ ھاري ڪارڊ سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيا ويندا ۽ لکين ماڻھن کي فقير بنائي انھن جي توھين ۽ تذليل ڪئي ويندي. سنڌ حڪومت ھارين کي خيرات بدران بنيادي حق ڏئي. ھارين ۽ مزدورن جي ٻارن کي اسڪالرشپ ڏئي اعلي تعليم جا موقعا ڏنا وڃن. ھارين ۽ مزدورن کي صحت ڪارڊ ڏئي معياري علاج جون سھولتون ڏنيون وڃن. فصلن جا ھٿرادو اگھ ڪيرائي لکين ھارين ۽ آبادگارن کي بدحال بنائي ڇڏيو آھي. غربت جي شرح وڌي رھي آھي. پيپلز پارٽي حڪومت زراعت جي بحالي نٿي چاھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ جيڪي بہ وڏا فصل لھن ٿا انھن جا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا. ڪمند، ڦٽيون، ڪڻڪ، ساريون ۽ ٻين فصلن جا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا. پاڻي کوٽ جي ڪري لکين ايڪڙ آباد زمين ڀڙڀانگ ٿي آھي. انھي صورتحال جو ازالو ھاري ڪارڊ جاري ڪرڻ سان نٿو ٿي سگھي. سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت جي نااھلي ۽ ناڪامي جي ڪري سنڌ جي آبادگارن ۽ ھارين جو سالانا ڪروڙين ۽ اربين روپين جو نقصان ٿئي ٿو. ھر چوٿين ۽ پنجين سال برساتي ۽ درياھي ٻوڏ جي تباهين بہ وڏو نقصان ڪيو آھي، جنھنڪري لکين ھاري ۽ آبادگار پوئتي ھليا ويا آھن. انھن آبادگارن ۽ ھارين جي بحالي لاءِ کين نقصان جو معاوضو ڏنو وڃي. مفت ٻج، زرعي دوائون ڏنيون وڃي. زرعي اوزار سستا ۽ قسطن تي ڏنا وڃن. بي زمين ھارين ۾ مفت زمين ورھائي وڃي. زرعي سڌارن سان سنڌ ۾ خوشحالي ۽ ترقي ايندي. باقي ھارين کي فقير بنائڻ واريون سازشون بند ڪيون وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
ھاري ڪارڊ
سنڌ حڪومت
سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے