ملير: قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڪراچي پريس ڪلب جو ميمبر ۽ صحافي خالد اقبال فوت ٿي ويو

ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي، سيڪريٽري شعيب احمد ۽ گورننگ باڊي جي ميمبر پاران خالد اقبال جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

ملير: قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڪراچي پريس ڪلب جو ميمبر ۽ صحافي خالد اقبال فوت ٿي ويو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قومي شاهراھ لڳ وائر ليس گيت وٽ خانگي ٽي وي چينل جو ملازم موٽر سائيڪل سوار روڊ حادثي ۾ فوت، جناح اسپتال منتقل، تفصيل موجب گذريل ڏينهن خانگي ٽي وي چينل جو ملازم 55 ورهين هو خالد اقبال پٽ غلام حسين ڪراچي شهر کان موٽر سائيڪل تي اسٽيل ٽائون لڳ گھر اچي رهيو هو ته وائرليس گيٽ وٽ حادثي جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي بيٺل ڪار سان لنگهندي ڪري پيو ۽ مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب دم ڏنو هو ڏانهن اطلاع پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ضروري ڪارروائي بعد لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو ٻئي طرف لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو آهي ان سلسلي ۾ واقعي واري هنڌ موجود رهواسين ٻڌايو ٽريفڪ پوليس قائده آباد کان گھگھر تائين اٽالن جي۾ بيٺل هوندا آهن جيڪي پنهنجي فرض جي ادائيگي بدران رڳو ڌنڌي ڀتا خوري خاص ڪري پورٽ قاسم ۽ اسٽيل مل چورنگيون سندن ڪمائي جو ذريعو بنيل آهن، ٻي طرف ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي، سيڪريٽري شعيب احمد ۽ گورننگ باڊي جي ميمبر پاران خالد اقبال جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي سندس پونئرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ويو.