English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ "پڙاڏو سوئي سڏ" جي عنوان سان "پنجون لطيف لٽريچر اينڊ ميوزڪ فيسٽيول" اڄ ٿيندو
228 views
|
25th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز پاران مختلف ويھڪن تي ٻڌل فيسٽيول لاءِ تياريون مڪمل
ٽنڊوڄام (رپورٽر) سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز پاران "پڙاڏو سوئي سڏ" جي عنوان سان "پنجون لطيف لٽريچر اينڊ ميوزڪ فيسٽيول" ڇنڇر تي منعقد ڪيو ويندو، مختلف ويھڪن تي ٻڌل فيسٽيول لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آھن، خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي ميزباني ھيٺ ۽ سنڌ حڪومت تي ثقافتي کاتي جي سھڪار سان پنجون لطيف لٽريچر اينڊ ميوزڪ فيسٽيول ڇنڇر تي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي مک آڊيٽوريم ھال ۾ منعقد ڪيو پيو وڃي، جنھن ۾ افتتاحي تقريب، فڪري ويهڪون، مھورت، ناٽڪن سميت مختلف ويھڪون ٿينديون، افتتاحي سيشن دوران ڀٽائي جي فقيرن پاران وائي سان شروعات ڪئي ويندي، جتي شرجيل انعام ميمڻ، سيد ذوالفقار علي شاھ، سردار محمد بخش مھر، وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري، سليمان شيخ، ۽ عبدالحميد آخوند موجود هوندا، جڏھن تہ شبير ڪنڀر جي ڪتاب "سنڌو لکت ۽ سراج" جي مھورت ٿيندي، جنهن ۾ اياز لطيف پليجو، بختاور مظھر، ۽ ٻين ناميارن پاران مختلف موضوعن تي تقريرون ٿينديون، ٽئين ۽ آخري سيشن ۾ غزل صديق ميزباني ڪندي ۽ انيسه ميمڻ جو لکيل گيت "ڀلي تو ڄڻيون ڌيئر امان" پيش ڪيو ويندو. تقريب ۾ سراج ايوارڊ پڻ ورهايا ويندا، تقريب ۾ صوبائي وزير شاھد عبدالسلام ٿھيم، ڊاڪٽر فھميدہ حسين ۽ ٻيا مھمان بہ ھوندا، جڏهن ته پروگرام جي آخر ۾ ميوزيڪل نائيٽ منعقد ٿيندي، جتي سيف سميجو، اختر درگاھي، نرملا مينگھواڻي، ۽ ٻيا راڳي پرفارم ڪندا، ان سلسلي ۾ مختلف تياريون مڪمل ڪيون پيون آھن، ان موقعي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري پاران يونيورسٽي جي جوڙيل ڪاميٽين کان ڄاڻ ورتي ۽ پروگرام جي ڪاميابيءَ لاءِ مختلف ھدايتون پڻ جاري ڪيون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٽنڊوڄام
سنڌ زرعي يونيورسٽي
سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز
پڙاڏو سوئي سڏ
پنجون لطيف لٽريچر اينڊ ميوزڪ
ميوزڪ فيسٽيول
music festival
sindh university
0 تبصرے