لاڙڪاڻو: سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران يونيورسٽي جي برطرف اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر ياسمين خان کي نوڪري تي بحال ڪرڻ جو حڪم

عدالت وي سي ڊاڪٽر نصرت شاهه پاران ڊاڪٽر ياسمين خان جي نوڪري تان برطرف ڪرڻ وارو حڪم معطل ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو: سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران يونيورسٽي جي برطرف اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر ياسمين خان کي نوڪري تي بحال ڪرڻ جو حڪم

لاڙڪاڻو: سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو يونيورسٽي طرفان جاري ڪيل ڊاڪٽر ياسمين خان کي نوڪري تان برطرف ڪرڻ وارن حڪمن کي معطل ڪري ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ياسمين خان کي پنهنجي ئي نوڪري تي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، وائيس چانسلر شهيد محترمه بينظير ڀٽو پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه طرفان سينڊيڪيٽ ميٽنگ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ياسمين خان کي نوڪري تان برطرف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سينڊيڪيٽ جي فيصلي تي ڊاڪٽر ياسمين خان کي اسٽي آرڊر جاري ڪيو ويو هو عدالت طرفان ڊاڪٽر ياسمين خان کي اسٽي جاري ٿيڻ باوجود يونيورسٽي انتظاميه طرفان مبينا طور ڊاڪٽر ياسمين خان کي عدالتي حڪمن کان اڳ جي تاريخن ۾ نوڪري تان برطرف ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو هو يونيورسٽي انتظاميه ڊاڪٽر ياسمين خان جي پگهار به بند ڪري ڇڏي هئي. وڪيل سيد ڪاظم رضا نقوي جو موقف هو ته يونيورسٽي انتظاميه طرفان جيڪڏهن عدالتي حڪمن کي نه مڃيو ويو ته توهين عدالت جو ڪيس داخل ڪيو ويندو. ڊاڪٽر ياسمين خان کي يونيورسٽي طرفان تعصب جي بنياد تي ڪاروائي جو نشانو بڻايو ويو جيڪو افسوسناڪ عمل آهي. وڪيل سيد ڪاظم رضا نقوي جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڊاڪٽر ياسمين خان پي ايڇ ڊي هولڊر اسسٽنٽ پروفيسر آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي انتظاميه اڳ به پي ايڇ ڊي هولڊر ڊاڪٽر سيد ارشاد شاهه کي به نوڪري تان برطرف ڪري ڇڏيو هوڊاڪٽر ارشاد شاهه طرفان به يونيورسٽي انتظاميه خلاف توهين عدالت جي ڪاروائي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي.