ڪراچي ۾ سافڪو پاران ڊي اي آءِ جي سهڪار سان مڪاني ادارن بابت ڪانفرنس، صوبائي وزير سعيد غني، شاهينا شير علي ۽ ٻيا شريڪ

ڪراچي ۾ سافڪو پاران ڊي اي آءِ جي سهڪار سان مڪاني ادارن بابت ڪانفرنس، صوبائي وزير سعيد غني، شاهينا شير علي ۽ ٻيا شريڪ

ڪراچي ۾ سافڪو پاران ڊي اي آءِ جي سهڪار سان مڪاني ادارن بابت ڪانفرنس، صوبائي وزير سعيد غني، شاهينا شير علي ۽ ٻيا شريڪ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سماجي تنظيم سافڪو پاران ڊي اي آئي جي سھڪار سان " بلدياتي نظام جي بھتري ۽ انھي جي قانونسازي ۾ اصلاحات جي حوالي سان صوبائي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي ـ ان موقعي تي خطاب ڪندي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته پرويز مشرف مڪاني نظام کي تڪراري بڻايو ھو مڪاني ادارن سان شھر ۽ ملڪ ترقي ڪندا آھن ميٽروپوليٽن شھرن کي پنهنجا اختيار آھن اھي ساڳيا اختيار ضلعي ڪائونسل کي ناھن ـ سڌريل ملڪن ۾ مڪاني ادارا ترقي جو ڪارڻ بڻيل آھن ـ

ڪوشش ڪريون تا ته بلدياتي قانون کي وڌيڪ بھتر بڻايون ـ مڪاني چونڊيلل نمائندن کي تربيت جي ضرورت آھي ته جيئن کين پنهنجي اختيارن بابت خبر ھجي ـ اڪثر ماڻهو اچن ٿا ته چيئرمين نٿا ٻڌن پر انھن کي پنهنجي اختيارن جي خبر ئي ناھي ۽ نه ئي عوام کي به مڪاني ادارن جي متعلق ڪا گهڻي ڄاڻ آھي ـ عورتن جي ترقي ۽ ڀلائي واري وزير شاھينا شير علي چيو ته بلدياتي نظام جھموريت جو ئي نظام آھي ـ جھموري جي مضبوطي بلدياتي نظام سان ئي ممڪن آھي ـ سنڌ ۾ بلديات جي حوالي سان چونڊيل بلدياتي نمائندن کي ڄاڻ جي کوٽ آھي۔ ڄمڻ يا مرڻ واري سرٽيفڪيٽ ۾ به ماڻهو چڪر پيا ڪاٽيندا آھن ـ عورتن جو بلدياتي نظام ۾ اھم ڪردار آھي ـ

بلديات واري کاتي چي سيڪريٽري خالد حيدر شاھ چيو ته مڪاني ادارن لاء 160 ارب روپيا مختص ٿيل آھن ـ يونين ڪائونسل ۽ ڪاميٽين جي بجيٽ ٻيڻي ڪري چڪا آھيون ـ اھي پنهنجي ٽيڪس مان رڳو 6 ارب روپيا گڏ ڪن ٿا ـ مڪاني ادارن ۾ بھتري جي ضرورت سدائين رھندي آھي سافڪو جي سربراھ سليمان جي ابڙو چيو ته خيرپور ضلعي ۾ اسان يونين ڪائونسلز جي نوجوانن ـ اقليتي نمائندن کي آگاھي پروگرام ذريعي تربيت ڏني ته اھي مڪاني نظام کي ڪيئن اثرائتو بڻائجي ۽ عوام لاء ڪارآمد ٿي سگھي ـ ھي پروجيڪٽ مڪاني نمائندن ۽ مٿيئن سطح جي اسٽيڪ ھولڊرز کي پاڻ ۾ ملائڻ لاء ھڪ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿو ـ

ھن پروگرام تحت سرگرم شھرين جا گروپ جوڙيا ويا آھن جيڪي پنهنجي بنيادي حقن لاء مختلف پليٽ فارم تان آواز اتاريو ۽ علائقي ۾ ھلندڙ ترقياتي ڪمن بابت ڄاڻ پڻ ورتي۔

معاشي قيصر بنگالي چيو ته بنيادي سھولتن جي اڻھوند سبب ڪراچي جو ماڻهو ورھائجي ويو آهي ۽ ھاڻي ناظم آباد جو ماڻهوَ ڪلفٽن نٿو اچي جو ٽرانسپورٽ ناھي ـ بجلي تمام بنيادي ضرورت آھي پر اھي پنج ئي شيون ڪراچي ۾ ناھن ڪراچي ۾ ڪو به گورننس جو نظام ناھي ـآئين ۾ صرف بلدياتي نظام جو ذڪر آھي ڪيئن ھوندو اھو صوڀائي حڪومت جي مرضي آھي ھاڻي جيڪو ڪي ايم سي وٽ ھڪ ڪم رھيو ھو ڪچرو کڻڻ وارو اھو به صوبائي حڪومت پئي کڻي ـ ڪراچي ۾ پاڻي جي نيڪاسي توڙي فراھمي بلديات جي ذميواري آھي پر اھو نٿي ڪري ـ ڪانفرنس کي جامي چانڊيو ـ شاھد جتوئي ـ منگلا شرما ـ مھناز رحمان اقبال ڏيٿو ـ افتخار خان ۽ اسما ڪرن ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو