ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ اينٽي ھيومين ٽريفڪنگ جو اجلاس

انساني اسمگلنگ ۽ جبري مزدوري جي خاتمي لاءِ ضلعي سطح تي قدم کنيا پيا وڃن: نويد الرحمان لاڙڪ

ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ اينٽي ھيومين ٽريفڪنگ جو اجلاس

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ اينٽي ھيومين ٽريفڪنگ ۽ بانڊيڊ ليبر ڪميٽي جو اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي ڪانفرنس ھال ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر عمرڪوٽ نور محمد شيخ، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، انسپيڪٽر ايف آئي اي ميرپورخاص، ليبر آفيسر گلزار احمد، سوشل ويلفيئر، عورتن جي ترقي، تعليم، ۽ صحت جي کاتن جا نمائندا، سماجي تنظيمون ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي، اجلاس جي شروعات ۾ ضلعي ۾ انساني اسمگلنگ (Human Trafficking) ۽ جبري مزدوري (Bonded Labour) جي روڪٿام لاءِ لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي وئي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ چيو ته حڪومت سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جي پاليسين تحت انساني اسمگلنگ ۽ جبري مزدوري جي خاتمي لاءِ ضلعي سطح تي مؤثر قدم کنيا پيا وڃن، هن زور ڏنو ته مزدورن، عورتن ۽ ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ ضلعي ۾ گڏيل حڪمت عملي تحت عملي ڪارروائي ڪئي وڃي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته جيڪي به ماڻهو يا ادارا انساني اسمگلنگ، جبري مزدوري يا ٻارن جي غيرقانوني مزدوري ۾ ملوث آهن، انهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ھن ليبر انسپيڪٽر کي هدايت ڪئي ته هو فيلڊ ۾ باقاعده دورا ڪن ۽ زرعي، صنعتي ۽ تعميراتي هنڌن تي مزدورن جي حالتن جو جائزو وٺن ۽ جتي به بانڊيڊ ليبر جي خلاف ورزي ٿئي ته انھن جي خلاف نوٽيس جاري ڪيا وڃن، اجلاس ۾ پوليس کاتي پاران ٻڌايو ويو ته ضلعي ۾ انساني اسمگلنگ ۽ جبري مزدوري جي ڪيسن جي روڪٿام لاءِ خاص ٽيمون تيار ڪيون ويون آهن، جيڪي شڪايتن تي فوري ڪارروائي ڪن ٿيون، ان موقعي تي سوشل ويلفيئر کاتي ۽ عورتن جي ترقي جي نمائندن چيو ته آزاد ڪيل مزدورن، عورتن ۽ ٻارن جي بحالي لاءِ سماجي مدد، تربيت ۽ روزگار جا پروگرام تيار ڪيا پيا وڃن، اجلاس دوران تجويز پيش ڪئي وئي ته عام ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ لاءِ آگاهي مهم (Awareness Campaign) هلائي وڃي، جنهن ۾ اسڪولن، ڳوٺن ۽ مزدوري هنڌن تي سيشنز، پوسٽر، ۽ ميڊيا ذريعي پيغام پهچايا وڃن، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي هدايت ڪئي ته هو ضلعي ۾ انساني اسمگلنگ ۽ جبري مزدوري جي خاتمي لاءِ عملي قدم کڻن ۽ هر مهيني رپورٽ پيش ڪن، اجلاس جي آخر ۾ متفقه طور فيصلو ڪيو ويو ته هڪ ضلعي سطح جي مانيٽرنگ ٽيم جوڙي ويندي، جيڪا باقاعده دورا ڪندي ۽ ڪنهن به خلاف ورزي تي فوري رپورٽ تيار ڪندي.