ورلڊ بئنڪ جي ٽيم سان گڏ گهوڙا ٻاري جو ٽائون چيئرمين محمد رمضان پنهور به موجود هو
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل کاتو علي حسن زرداري جي خاص هدايتن تي ورلڊ بينڪ جي طرفان پٺ تي پيل ساحلي پٽي جي علائقن تعلقه ڪيٽي بندر ، تعلقه گهوڙاٻاري لاء 3 وڏا ڪلسٽر اسڪول منظور ، جيڪي پهرين ڪلاس کان ڏهين ڪلاس تائين هوندا ورلڊ بينڪ طرفان ڪلسٽر اسڪولن جو ترقياتي ڪم 6 مھينن جي اندر مڪمل ڪيو ويندو ، صوبائي وزير علي حسن زرداري جي هدايتن تي ورلڊ بينڪ ساحلي پٽي جي عوام کي تعليم ۾ هٿي وٺرائڻ لاء هڪ اهم قدم جي اڳ ڀرائي ڪئي آھي ورلڊ بينڪ طرفان تعلقه ڪيٽي بندر جي ڳوٺ حاجي هاشم شولاڻي ، تعلقه گهوڙاٻاري ۾ جوهو سٽي ۽ ڳاڙهو سٽي ۾ ڪلسٽر اسڪول ٺاهيا ويندا صوبائي وزير علي حسن زرداري جي ڪوششن سان ساحلي پٽي جي غريب مسڪين ماروئڙن جي ٻارن لاء تعليم عام ڪرڻ جو خواب پورو ٿيڻ لا۽ ورلڊ بينڪ جي ٽيم طرفان چيئرمين ٽائون ڪميٽي گهوڙاٻاري محمد رمضان پنهور جي اڳواڻي ۾ ڪيٽي بندر , ڳاڙهو ، گهوڙاٻاري جو دورو ڪيو جتي چيئرمين ٽائون ڪميٽي ڳاڙهو حاجي محمد صديق خاصخيلي ورلڊ بينڪ جي ٽيم سان مڪمل سهڪار ڪندي صوبائي وزير علي حسن زرداري جو ۽ ورلڊ بينڪ جي انتهائي اهم قدم جو شڪريو ادا ڪيو تعليم اها روشني آهي جيڪا انسان کي جهالت جي اونداهين مان ڪڍي سجاڳي جي روشني ڏانهن وٺي وڃي ٿي اها ئي قوت آهي جيڪا سماج کي مضبوط ڪري ٿي قوم کي سڃاڻپ ڏيئي ٿي ۽ نوجوان نسل کي خواب ڏسڻ ۽ انهن کي حقيقت بڻائڻ جو حوصلو عطا ڪري ٿي ،صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل علي حسن زرداري گھوڙاٻاري: ورلڊ بينڪ جي ٽيم کي ٽائون ڪميٽي چيئرمين گھوڙاٻاري رمضان پنھور ساحلي پٽي جو دورو ڪرائيندي
0 تبصرے