English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول جي وارڊ نمبر 11 جا رهواسي ورھين کان پيئڻ جي پاڻي کان محروم، احتجاجي مظاھرو
135 views
|
22nd Jul 2024
•
سنڌي خبرون
سجاول جي وارڊ نمبر 11 جا رهواسي ورھين کان پيئڻ جي پاڻي کان محروم، احتجاجي مظاھرو
سجاول (رپورٽر) سجاول شهر جي وارڊ نمبر 11 جا رهواسي ڪافي سالن کان پيئڻ جي پاڻي کان محروم، نياڻيون ٻارڙا پاڻي ڀرڻ لاءِ شهر جي گهرن ۽ گهٽين ۾ دربدر ٿيڻ تي مجبور، واسين جو پاڻي لاءِ احتجاج، تفصيل موجب : سجاول شهر جي وارڊ نمبر11جا رهواسي گذريل ڪافي سالن کان پيئڻ جي پاڻي کان محروم هجڻ ڪري مردن عورتن ۽ ٻارن مٿي تي دلا، مٽ ۽ بالٽيون کڻي احتجاج ڪيو ان موقعي تي واسين خمون جوڳي، محمد موسيٰ ملاح، منو ميمڻ، عارب ڦوٽاڻي، حاجي ماڇي، خدابخش ملاح، جاني ڪونجڙو، ميگهو مل، گوو مل، مائي سوناري، مائي قضو ۽ ٻين چيو ته 500 کان به وڌيڪ گهرن تي مشتمل اسان جو قديمي ڳوٺ الهڏنو ملاح ۽ ڳوٺ هاشم جوڳي جنهن کي وارڊ نمبر 11 سڏيو وڃي ٿو جنهن کي سال 2010ع واري مها ٻوڏ ۾ هڪ فلاحي اداري هينڊي ڪيپ طرفان شهر جي پراڻي مڇي مارڪيٽ کان اسان جي ڳوٺ تائين پاڻي جي پائيپ لائين لڳائي ڏني وئي جيڪا ڪجه سال هلڻ کان پوءِ مڇي مارڪيٽ ڀرسان نيون اڏاوتون ٺھڻ سبب ماڻھن اسان جي پائيپ لائين تي پنهنجا نوان ڪنيڪشن ۽ وال لڳائي پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب اسان پاڻي ڦڙي لاءِ پريشان آهيون، هر روز صبح ۽ شام اسان جون عورتون ۽ ٻارڙا هن قهر جي گرمي ۾ پاڻي جي ڳولا ۾ شهر جي گهرن ۽ گهٽين ۾ دربدر ۽ تذليل ٿي پاڻي ڀري اچن ٿيون، ڳوٺاڻن چيوته اسان جو تمام وڏو ۽ قديمي ڳوٺ آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ضلع انتظاميه توڙي چونڊيل نمائندن اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به اسان جي سار ناهي لڌي. ڳوٺاڻن وڌيڪ چيو ته اسان ڪافي ڀيرا چونڊيل نمائيندن سان ڳالهايو آهي پر سواءِ دلاسن جي ٻيو ڪجهه به ناهي مليو. ڳوٺاڻن ڊي سي سجاول، تڪ جي چونڊيل نمائندن، ٽائون چيئرمين سيد آفتاب شاه شيرازي ۽اعليٰ اختيارين کي مطالبو ڪندي چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ پاڻي جو مسئلو جلد کان جلد حل ڪري ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائينداسين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سجاول
وارڊ نمبر 11
0 تبصرے