ڪريم بخش کوسو: ڳوٺ بهادرپور ۾ پسند جي پرڻي تان ڪٽوهر ۽ جمالي ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو

ڪريم بخش کوسو (رپورٽر) ڪريم بخش کوسو ويجھو پراڻي پيار جي تڪرار تان جهيڙو، فائرنگ، نوجوان قتل ، دلمراد ٿاڻي جي حد ڳوٺ بهادرپور ۾ پراڻي پيار جي تڪرار تان ڪٽوهر ۽ جمالي برادريء جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، گوليون لڳڻ سبب قاسم جمالي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻه کڻائي ويا، رستي تي نوجوان زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، اهڙو اطلاع ملڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو پوليس موجب پراڻي پيار جي تڪرار تان جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب قاسم جمالي قتل ٿيو آهي، جهيڙي کي ٽارڻ لاء اضافي نفري طلب ڪيو آهي