English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اياز لطيف پليجي پاران ڊيرا اسماعيل خان ۾ 25 فوجي جوان شھيد ٿيڻ واري واقعي تي ڏک جو اظھار
views
|
12th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پاران ڊيرا اسماعيل خان ۾ 25 فوجي جوان شھيد ٿيڻ واري واقعي تي ڏک جو اظھار
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڊيرا اسماعيل خان ۾ دھشتگردن سان مقابلي ۾ 25 جوان شھيد ٿيڻ واري واقعي تي گھري افسوس جو اظھار ڪندي چيو آھي تہ دھشتگرد انسانيت جا دشمن آھن، دھشتگردن جو ڪو بہ نسل ۽ ٻولي ناھي. دھشتگرد ملڪ جا ۽ ماڻھن جا دشمن آھن. دھشتگردن جو نيٽ ورڪ ختم ڪرڻ سان اسين پنھنجي شھرن ۽ ماڻھن کي محفوظ بنائي سگھون ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ جي وھڪري ۾ رڪاوٽون وجھڻ وارو ڪو به منصوبو قبول ناھي. ارسا ۽ واپڊا ھميشه سنڌ کي ڀڙڀانگ ۽ بيابان بنائڻ وارا منصوبا جوڙيا آھن. ڏيڍ سئو سالن کان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن. ٿل ڪئنال، چشمه جهلم لنڪ ڪينال ۽ ٻين ڌاڙيل واھن ذريعي سنڌ جو پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي. سنڌو درياھ تي ڌاڙي جي ڪري سنڌ ۾ لکين ايڪڙ زمين ڀڙڀانگ آھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي. سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ نہ ٿيڻ ڪري سمنڊ اڳتي وڌي آيو آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي زرعي معيشت جي تباھي، سنڌو درياھ کي سڪائڻ وارا منصوبا ملڪ دشمن منصوبا آھن، انڪري ملڪ دشمن، درياھ دشمن منصوبا بند ڪيا وڃن. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي ماڻھن کي ھٿرادو غربت جي کوھ ۾ اڇلائي مارڻ بند ڪيو وڃي۔ سنڌ ۾ مسڪين عوام لاوارث ۽ لاچار بنيل آھي۔ مزدور، پورھيت، ھاري ۽ مسڪين عوام بنيادي انساني حقن کان محروم بنايو ويو آھي۔ نہ تعليم، نہ صحت، نہ روزگار، صاف پاڻي بہ ميسر ناھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سمنڊ جو پاڻي زير زمين حيدرآباد تائين پھچي ويو آھي۔ زھريلي پاڻي جي ڪري لکين ماڻھو ھيپاٽائيٽس ۾ مبتلا آھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
پاکستان
پاکستان سے امریکا منتقل ہونیوالی27 سالہ ڈاکٹر جگر ٹرانسپلانٹ سے آدھا گھنٹہ قبل چل بسیں
29th Sep 2025
•
تازہ ترین
کھیلوں میں جنگ کو گھسیٹنے سے صرف بھارت کی ’بوکھلاہٹ‘ ظاہر ہوتی ہے، محسن نقوی
29th Sep 2025
•
پاکستان
کمشنر قلات ڈویژن ڈاکٹر طفیل بلوچ سے ڈپٹی کمشنر آواران انجینئر عائشہ زہری کی خضدار میں اہم ملاقات
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ هاسپيٽل بيسڊ بلڊ بئنڪ پاران انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ۾ سالانه بلڊ ڪئمپ لڳائي وئي
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ درٻيلو واسي پيرسن جو پٽ خلاف احتجاج
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، 9 جواري گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجي
ڊيرا اسماعيل خان
ayaz latif palejo
dera ismail khan terrorist
0 تبصرے