مشهور بزرگ سهڻا سائين جو 40هون عرس ڪنڊيارو ۾ ٿيو، عقيدتمندن پاران ڀيٽا پيش

مشهور بزرگ سهڻا سائين جو 40هون عرس ڪنڊيارو ۾ ٿيو، عقيدتمندن پاران ڀيٽا پيش

مشهور بزرگ سهڻا سائين جو 40هون عرس ڪنڊيارو ۾ ٿيو، عقيدتمندن پاران ڀيٽا پيش

ڪنڊيارو(رپورٽر)نقشبندي غفاري سلسلي جي روحاني پيشوا ۽ سنڌ جي مشهور بزرگ حضرت خواجه الله بخش عباسي المعروف سهڻا سائين رحمته الله عليه جو 40هون عرس مبارڪ درگاهه الله آباد ڪنڊيارو ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ ملڪ سميت ٻاهرين ملڪن مان وڏي انگ ۾ عقيدتمند مريدن شرڪت ڪئي، اجتماعي دعا گهري وئي. خبر موجب سنڌ جي مشهور بزرگ حضرت خواجه الله بخش عباسي المعروف سهڻا سائين رحمة الله عليه جو 40 هون عرس مبارڪ درگاهه الله آباد شريف ڪنڊيارو ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ٻن ڏهاڙن واري تقريبن ۾ پاڪستان سميت ٻاهرين ملڪن ڪيناڊا، انگليند، ناروي، ڏکڻ آفريقا، نيوزي لينڊ، دبئي، سعودي عرب ۽ ٻين مان وڏي انگ ۾ عقيدتمندن شرڪت ڪئي، آخري ڏينهن تي خاص ويهڪ کي خطاب ڪندي درگاهه الله آباد شريف جي گادي نشين حضرت سڄڻ سائين چيو ته نوجوان نوڪرين جي آسري ۾ ويهي پنهنجي زندگي وڃائي ڇڏين ٿا، حق حلال جي روزي ۾ برڪت آهي، حرام کان پاسو ڪيو وڃي، سٺو روزگار ڪري پنهنجي ٻچن کي حق حلال کارائي حرام کان پاسو ڪيو وڃي، سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙن سبب روزاني ڪيترائي ماڻهو مارجي وڃن ٿا، اسان کي ڪاوڙ کان پاسو ڪري برداشت جو مادو پيدا ڪرڻو پوندو، محبتن طرف وڌي پاڻ ۾ تعلقات مضبوط ڪرڻا پوندا، هن جو چوڻ هو ته علم سان گڏ هنر ضرور سکو، جيڪو زندگي آسان ۽ پرسڪون بڻائي ٿو، ان کان اڳ جماعت اصلاح المسلمين پاڪستان جي مرڪزي صدر صاحبزاده محمد جعفر صادق طاهر، مولوي عزيز الرحمٰن طاهري، انجنيئر غلام محمد ميمڻ، ڊاڪٽر غلام ياسين، مولوي عرض محمد، مولوي محمد سعيد لاکير، مولوي ديدار حسين، مولوي اسرار احمد، مولوي غلام مجتبى راهوجو، فرحان احمد ۽ ٻين خطاب ڪيو، جڏهن ته صوبائي صدر قاضي مشهود احمد قريشي تنظيم جي اهميت، ڊاڪٽر امان الله عباسي صحت جي حوالي سان ۽ موٽروي آفيسر عبدالرشيد سهتو روڊ سيفٽي متعلق ليڪچر ڏنا، مشهور نعت خوان شبير احمد نيازي، قاري احسان، فهد واحد علي شاهه، عاجز رحمت الله لاشاري طاهري، وڪيل احمد پنهور، حاجي علي حسن مري، محمد عثمان، جمن رند، ۽ ٻين نعتون منقبتون پڙهيون، عرس مبارڪ جي موقعي تي عقيدت مند مريدن پاران وڏي انگ ۾ پڙهي آيل ختم شريف ۽ ٻيا ورد وظيفا حضرت سهڻا سائين جي روح کي بخشيا ويا، دعا مهل انتهائي رقت آميز منظر نظر اچي رهيا هئا، هر ڪوئي گناهن جي معافي وٺڻ لاءِ هٿڙا کڻي ڌڻي در دعا گهري رهيو هو، ان موقعي تي فلسطين ۾ مسلمانن مٿان ٿيندڙ ظلم جي خاتمي لاءِ پڻ دعا گهري وئي، عرس مبارڪ جي موقعي تي حفاظتي انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا، سنڌ پوليس پاران هڪ هزار نوجوانن ۽ الخادمين نالي فورس ڊيوٽي سرانجام ڏنيون، تقريبون انٽرنيٽ ذريعي سڌي ريت ڏيکاريون ويون.