English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جھرڪ ۾ پوليس پوسٽ اونگر جي نئين ٺھيل آفيس جي افتتاحي تقريب منعقد
views
|
30th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
جھرڪ ۾ پوليس پوسٽ اونگر جي نئين ٺھيل آفيس جي افتتاحي تقريب منعقد
ٺٽو( ڊ ر) پوليس اسٽيشن جھرڪ جي پوليس پوسٽ اونگر جي نئين تعمير ٿيل آفيس جي افتتاحي تقريب پوليس پوسٽ اونگر جي نئين آفيس ۾ ٿي گذري، جنھن جو افتتاح ڊي ايس پي جهرڪ اسد علي چنا، ايس ايڇ او جهرڪ انسپيڪٽر امير بخش کوسو، پوليس پوسٽ اونگر جي انچارج هادي بخش چانڊيو، اي ايس آئي بلاول سولنگي ۽ سب انسپيڪٽر ضمير حسين ناريجو گڏجي افتتاحي ربن ڪٽي دعا گهري ويئي افتتاح ڪيو ويو، افتتاحي تقريب ۾ ضلعي ڪائونسل ٺٽو جي ميمبر غلام نبي ٻٻر، وڏيرو مولا بخش بهراڻي، گل حسن بهراڻي، محمد علي ٻٻر، حنيف ٻٻر، عزيز ٻٻر,، عرس جهرڪ، جاويد ٻٻر، مصري بروهي، ذوالفقار بروهي، وڏيرو مير حسن خاصخيلي، نورحسن خاصخيلي، ڪامريڊ اصغر دل، ڊاڪٽر منير دل، عبدالمجيد ٻٻر، زاهد جماري، غلام رسول جماري، وزير شورو، خليل خاصخيلي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ڊي ايس پي جهرڪ اسد علي چنا، ايس ايڇ او جهرڪ امير بخش کوسو، پوليس پوسٽ اونگر جي انچارج هادي بخش چانڊيو کي لونگين ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪري پوليس سان ھر ممڪن سھڪار ڪرڻ جي کين خاطري ڪرائي ويئي، افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي DSP جھرڪ اسد علي چنہ ۽ SHO جھرڪ امير بخش کوسو چيو تہ پوليس عوام جي محافظ آھي، جيڪا انھن جي ھر موڙ تي حفاظت ڪري ٿي، عوام کي بہ گھرجي تہ اھي پوليس سان مڪمل تعاون ڪن. ھنن چيو تہ SSP ٺٽو آفتاب نظاماڻي جي ڪوشش سان پوليس پوسٽ اونگر جي نئين بلڊنگ مڪمل ٿي آھي، جنھن جو افتتاح ڪيو ويو اھي، ھنن چيو تہ جيتريون پوليس اسٽيشنون توڙي پوليس پوسٽون مضبوط ھونديون، اوترو ئي محفوظ رھنديون، ھنن چيو تہ اسان مقامي ڳوٺاڻن جا پڻ ٿورائتا آھيون جن اسانکي ھيڏو سارو مان ڏنو اھي، ھنن چيو تہ سندن ڪاروايون ڏوھارين توڙي منشيات فروشن جي مڪمل خاتمي تائين جاري رھنديون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
پاکستان
پاکستان سے امریکا منتقل ہونیوالی27 سالہ ڈاکٹر جگر ٹرانسپلانٹ سے آدھا گھنٹہ قبل چل بسیں
29th Sep 2025
•
تازہ ترین
کھیلوں میں جنگ کو گھسیٹنے سے صرف بھارت کی ’بوکھلاہٹ‘ ظاہر ہوتی ہے، محسن نقوی
29th Sep 2025
•
پاکستان
کمشنر قلات ڈویژن ڈاکٹر طفیل بلوچ سے ڈپٹی کمشنر آواران انجینئر عائشہ زہری کی خضدار میں اہم ملاقات
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ هاسپيٽل بيسڊ بلڊ بئنڪ پاران انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ۾ سالانه بلڊ ڪئمپ لڳائي وئي
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ درٻيلو واسي پيرسن جو پٽ خلاف احتجاج
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، 9 جواري گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
پوليس اسٽيشن جھرڪ
پوليس پوسٽ اونگر جي نئين تعمي
0 تبصرے