نوشھروفيروز ۾ شھرين جو واپڊا جي عملي خلاف احتجاجي مظاھرو

نوشھروفيروز ۾ شھرين جو واپڊا جي عملي خلاف احتجاجي مظاھرو

نوشھروفيروز ۾ شھرين جو واپڊا جي عملي خلاف احتجاجي مظاھرو

نوشهروفيروز( ڊ ر) نوشهروفيروز۾ واپڊا جي آزار شهرين ڏانهن واڌو بل موڪلڻ ۽ من پسنڌ ماڻهن کي هٿ سان بجلي وڪرو ڪرڻ واري عمل خلاف شهرين سياسي سماجي ڌرين جي ڪيل احتجاج کان پوءِ سي او سکر پاران ايس ڊي او نديم جوکيو بدلي سندس جاءِ تي عبدالسميع راجپوت نئوايس ڊي او واپڊا مقرر شهرين پاران سڄي شهر اندر سري عام بجلي وڪرو ڪندڙ لائين مين ۽ ميٽرريڊرن خلاف ڪاروائي نه ٿئڻ واري عمل خلاف علي حيدر. محمد سليم.وزيرعلي.آصف علي .گلشير.نويد علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان داهيندي چيو آهي .ته نوشهروفيروز واپڊا جي ايس ڊي او نديم جوکيو کي شهرين جي دانهن کان پوءِ سي او سکر هٽائي سٺو ڪم ڪيو آهي پر سڄي شهر اندر بجلي وڪرو ڪرڻ وارو ڪاروبار ڪندڙ لائن مين جڙيل ڏيٿو.ستارچارڻ .وزيرکوسو. .مجيب سولنگي.ستارچانڊيو.لياقت مري.سهيل سولنگي.جاويد ڀان.ايازملڪ.ارشاد ميمڻ.وحيدسولنگي.ڪبيروسطڙو.ڄام محسن ۽ ٻين کي جنهن وقت تائين هتان بدلي نه ڪيو ويندو ان وقت تائين اسان جو احتجاج جاري رهندو ڇو ته هنن هٿ سان سڄي شهر اندر پيٽرول پمپ مالڪن.دڪاندارن .هوٽلن جي مالڪن کي غيرقانوني بجلي ڏئي ڇڏي آهي ۽ جيڪي شهري ميٽر تي صحي بجلي ٻارن ٿا انهن جي ميٽرن مٿان لائين مين وڌيڪ يونٽ هڻائي انهن ڏانهن 10 هزارن کان 20 هزارن تائين واڌو بل موڪلي رهيا آهن جن جي اهڙي عمل جي ڪري شهر اندر رهندڙ شريف شهري تمام گهڻو پريشان ٿي ويا آهن ۽ جيڪي شهري لائين مينن ۽ ميٽرريڊرن کي ماهوار 5 هزارن کان 10 هزارن تائين رقم هر مهيني ڏين ٿا انهن کي مٿيان لائن مين هر پول ۾ لڳل جڳاڙي ميٽرن مان لائن ڇڪي ڏئي رهيا آهن اهڙا ڪيترائي ميٽر لڳايا ويا آهن جن ميٽرن تي ماهوار بل 500 سوءُ کان هڪ هزار تائين بل اچي ٿو ۽ انهن ميٽرن مان 10 کان 20 شهرين کي بجلي هڻي ڏني وڃي ٿي اهڙي طرح نوشهروفيروز شهر اندر اڳوڻو ايس ڊي او واپڊا نديم جوکيو سري عام بجلي وڪرو ڪرڻ وارو ڪاروبار ڪري رهيو هو جنهن جي خلاف شهرين احتجاج ڪيو ۽ کيس سي او سکر هٽائي ڇڏيو آهي پر چوري ڪرائيندڙ لائن مينن ۽ ميٽرريڊرن خلاف ڪاروائي ناهي ٿي ان ڪري اسان جو احتجاج ان وقت تائين جاري رهندو جنهن وقت تائين کين هتان هٽايو نٿو وڃي