معاشري ۾ عدل ۽ انصاف کان بغير امن ۽ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي: مولانا اسدالله ڀٽو

معاشري ۾ عدل ۽ انصاف کان بغير امن ۽ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي: مولانا اسدالله ڀٽو

معاشري ۾ عدل ۽ انصاف کان بغير امن ۽ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي: مولانا اسدالله ڀٽو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي نائب امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي اسدالله ڀٽو ايڊوڪيٽ چيو آهي ته معاشري ۾ عدل ۽ انصاف کان بغير امن ۽ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، قانون جي حڪمراني، جمهوريت جي بالادستي ۽ عدليه جي آزادي لاءِ وڪلا براردي جو ڪردار ناقابل فراموش رهيو آهي، بار هميشه هر آمر خلاف حق جو آواز بلند ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ وڏن وڏن آمرن کي گوڏا کوڙڻا پئجي ويا، وڪلا برادري کي ايندڙ 08 فيبروري تي رٿيل عام چونڊن ۾ صاف شفاف ۽ اڻڌريون چونڊون ۽ مخلص توڙي ديانتدار قيادت کي اڳتي آڻڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪنڌڪوٽ ۾ ڊسٽرڪٽ بار کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي بار جو صدر سيد سڪندر علي شاه، صوبائي نائب امير حافظ نصرالله چنا، ضلعي امير غلام مصطفى ميراڻي، آءِ ايل ايم جو ضلعي صدر ايڊوڪيٽ ڪليم الله خلجي ۽ آغا عبدالفتاح پٺاڻ پڻ خطاب ڪيو. ان کان اڳ ۾ بار جي صدر مهمان خصوصي کي سنڌ جو روايتي تحفو اجرڪ پيش ڪيو جڏهن ته هن تقريب ۾ وڪلا برادري جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. اسدالله ڀٽو وڌيڪ چيو ته وڪيل برادري ملڪ جو باشعور طبقو آهي جنهن هميشه آئين جي بالادستي ۽ انصاف لاءِ ميدان ۾ اهم رول ادا ڪيو آهي، ايندڙ عام چونڊن ۾ به حق سچ جو ساٿ ڏيو ته جئين قابل، ايماندار ۽ جُرئتمند قيادت جي چونڊ ٿي سگهي. اسدالله ڀٽو غزه ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي ۽ يهودي رياست پاران انسانيت خلاف جاري ظلم ۽ بربريت تي مسلم حڪمرانن جي خاموشي ۽ بي حسي جي مذمت ڪندي چيو ته اسرائيل هڪ ناجائز ۽ قابض رياست آهي جنهن جو وجود ئي ناپاڪ آهي، ظلم خلاف جدوجهد ڪرڻ ايمان جي نشاني آهي. ان موقعي تي جماعت اسلامي اڳواڻن مفڪر اسلام سيد ابوالاعلى مودودي رحمة الله عليه جي جڳ مشهور تفسير “ تفهيم القرآن” سميت ٻين ڪتابن جو تحفو بار جي لائبرري لاءِ پيش ڪيو.#