اليڪشن ڪميشن جي ملڪ ۾ شفاف عام چونڊون منعقد ڪرائڻ آئيني، قومي ۽ اھم ترين ذميواري آهي: اعجاز انور چوھاڻ
نوشهرو فيروز (ڊر) صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوھاڻ جي صدارت ھيٺ عام چونڊن 2024 جي انتظامن جي سلسلي ۾ ھڪ اھم گڏجاڻي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر آفيس نوشھرو فيروز ۾ منعقد ٿي ، ان موقعي تي ڪمشنر شھيد بيظيرآباد محمد سجاد حيدر، ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم،ايس ايس پي عابد بلوچ، ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر خالد احمد مرزا ۽ تعليم کاتي جا عملدار پڻ موجود ھئا. گڏجاڻي ۾ عام چونڊن جي حوالي سان سيڪيورٽي،پولنگ اسٽيشنز ۾ پاڻي، بجلي، واش رومز، صفائي ۽ فرنيچر سميت بنيادي سھولتن جي فراهمي، اليڪشن عمل، پولنگ عملي جي تربيت ۽ ٻين انتظامن جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوھاڻ چيو تہ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ملڪ ۾ شفاف عام چونڊون منعقد ڪرائڻ آئيني، قومي ۽ اھم ترين ذميواري آهي، ھن وڌيڪ چيو تہ شفاف چونڊون ڪرائڻ ۽ پولنگ اسٽيشنن تي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا لاڳاپيل کاتا ترجيحي بنيادن تي ضروري اپاء وٺن. صوبائي اليڪشن ڪمشنر وڌيڪ چيو تہ چونڊن جي عمل دوران سيڪيورٽي جي فراھمي سان گڏ نظم و ضبط کي برقرار رکڻ لاءِ سنڌ پوليس ۽ رينجرز جو مک ڪردار رھندو آھي اليڪشن دوران وڌيڪ حساس ھنڌن تي سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي تنصيب کي يقيني بڻائڻ سان گڏ سيڪيورٽي ۽ ڪميونيڪيشن پلان تي توجہ ڏني ويندي تہ جيئن شر پسند عنصرن کي ماحول خراب ڪرڻ جو موقعو نہ ملي سگهي. صوبائي اليڪشن ڪمشنر ايجوڪيشن ورڪس ۽ سروسز کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته جن به پولنگ اسٽيشنن جي مرمت جي ضرورت آهي انهن کي فوري طور تي مڪمل ڪيو وڃي. اجلاس کي آگاهي ڏيندي ريجنل اليڪشن ڪمشنر شهيد بينظيرآباد محمد يوسف صديقي ٻڌايو ته 8 فيبروري 2024 تي اعلانيل عام چونڊن دوران ضلع نوشهروفيروز جي 2 قومي ۽ 4 صوبائي تڪن تي چونڊون منعقد ٿينديون هن وڌيڪ ٻڌايو ته پولنگ اسٽيشنن تي سهولتن جي فراهمي ۽ مقرر ڪيل پولنگن اسٽيشنن جو جائزو وٺڻ لاءِ دورا ڪري انتظامن ۽ سهولتن جو جائزو ورتو ويو آهي ضلع نوشهروفيروز ۾ 681 پولنگ اسٽيشنز شامل آهن. بعد ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ ڪمشنر سيد محمد سجاد حيدر ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن سان گڏجي نوشھروفيروز شهر جي مختلف اسڪولن ۾ پولنگ اسٽيشنن جي حوالي سان سھولتن جو جائزو ورتو. ۽ اتي صفائي سٿرائي جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظھار ڪيو.
0 تبصرے