سجاول جوڻيجو ويجھو اغوا ڄاڻايل شادي شدھ ناري مبينا پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو

اغوا ڄاڻايل ناري سيما ذوالفقار سولنگي شادي جو نڪاح نامو ڏيکاريو

سجاول جوڻيجو ويجھو اغوا ڄاڻايل شادي شدھ ناري مبينا پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو

سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد مان ھفتو اڳ اغوا ٿيل شادي شدھ عورت سيما زال وسيم ديناري سوڀوديرو واسي ذوالفقار سولنگي سان پيار جو پرڻو ڪري نڪاھ نامو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري تحفظ ڏيڻ جي گهر ڪري ڇڏي، سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد ڪوٽ لعل بخش مھيسر واسڻ ٽن ٻارن جي ماء سيما زال وسيم ديناري کي چار ھٿياربند ھفتو اڳ ڌڱاڻو لاڙي وٽان اغوا ڪري ويا ھئا اھڙو اطلاع حد جي ٿاڻي تي ڏئي چئن جوابدارن ذوالفقار سولنگي لياقت سولنگي حامد سولگي ۽ ھڪ نامعلوم مٿان اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو ھو سجاول پوليس ناري کي ھٿ نه ڪري سگهي ھئي ڪالھ سوڀوديرو جي عدالت ۾ ٽن ٻارن جي ماء سيما زال وسيم ديناري ذوالفقار سولنگي سان پسند جو پرڻو ڪري نڪاھ نامو ڏيکاري تحفظ جي گهر ۽ اغوا جو ڪوڙو ڪيس ختم ڪرڻ جي اپيل ھوڏانھن سوشل ميڊيا تي اغوا ڄاڻايل ناري سيما ۽ ذوالفقار سولنگي جي پيار پرڻي خبر پوڻ تي وارثن ۾ تاء پکڙجي ويو