English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۽ سجاول ضلعي مان نوجوانن کي پاڪ فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ جو شيڊيول جاري
148 views
|
03rd Nov 2023
•
سنڌي خبرون
پاڪستان آرمي سليڪشن ۽ ڀرتي سينٽر ڪراچي پاران نوجوانن کي پاڪ فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ لاءِ شيڊول جاري
ٺٽو( ڊر)پاڪستان آرمي سليڪشن ۽ ڀرتي سينٽر ڪراچي پاران نوجوانن کي پاڪ فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ لاءِ شيڊول جاري - پاڪ فوج جي چونڊ ۽ ڀرتي مرڪز ڪراچي جي ميجر ۽ اسسٽنٽ سليڪشن رڪروٽمنٽ آفيسر محمد عارف پاران ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي نوجوانن کي پاڪ فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تحت 8 نومبر 2023 تي گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج سجاول ۾ بوقت صبح 9 کان 11 وڳي تائين جڏهن ته ميونسپل ڪميٽي ٺٽو ۾ منجهند 11 کان شام 3 وڳي تائين پاڪ فوج ۾ شامل ٿيڻ وارن خواهشمند نوجوانن جو ميڊيڪل چيڪ اپ ۽ لکت وارو امتحان ورتو ويندو. پڌرنامي ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته پاڪ فوج ۾ ڀرتي لاءِ خواهش رکندڙ نوجوانن جو قد 5 فٽ 6 انچ ۽ سينو 34 انچ جڏهن ته عمر جي حد 17 سال 4 مهينن کان 22 سال هُجڻ لازمي آهي، گهربل معيار تي پورا لھندڙ نوجوان اصل ڊوميسائل، پي آر سي، (ميٽرڪ، انٽر، بي اي، بي ايس سي) مارڪ شيٽ، پڪا سرٽيفڪيٽ، اسڪول ڇڏڻ جو سرٽيفڪيٽ، پيءُ جو شناختي ڪارڊ ۽ 6 پاسپورٽ سائيز فوٽو ۽ سڀني دستاويزن جون تصديق ٿيل ٻہ ٻہ ڪاپيون صبح 8 وڳي مقرر ڪيل هنڌن تي پاڻ سان گڏ کڻي اچن، وڌيڪ معلومات لاءِ پاڪ فوج جي چونڊ ۽ ڀرتي مرڪز جي نمائندي وريام خان ڪلمتي بلوچ سان موبائيل نمبر 03352313307 ۽ 02132790918 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
26th Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر آصف علی زرداری 5 روزہ سرکاری دورے پر چین پہنچ گئے
26th Apr 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تجارت میں سہولت دینے کے لیے پاکستان کا بڑا فیصلہ
26th Apr 2026
•
تازہ ترین
وائٹ ہاؤس کی سالانہ صحافتی ڈنر تقریب میں فائرنگ، ٹرمپ محفوظ رہے، حملہ آور گرفتار
26th Apr 2026
•
تازہ ترین
ایرانی وزیرِ خارجہ ایک بار پھر اسلام آباد پہنچ گئے
26th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ چوهڙ جمالي واسڻ عورت جو مڙس خلاف احتجاج
26th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سافڪو تحت هلندڙ غير رسمي تعليم مرڪزن جو اوچتو معائنو
26th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ڀرسان ڳوٺ محمد آچر سهتو ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپ قائم
26th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملير نيشنل پريس ڪلب پاران ٽن مرحوم صحافين کي ڀيٽا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
پاڪ فوج
پاڪستان آرمي سليڪشن
سينٽر ڪراچي پارا
0 تبصرے