ٺٽي ۾ چوهڙ جمالي واسڻ عورت جو مڙس خلاف احتجاج

مڙس بنا اجازت جي ٻي شادي ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو: ربينا لاکاٽيو

ٺٽي ۾ چوهڙ جمالي واسڻ عورت جو مڙس خلاف احتجاج

ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)چوهڙ جمالي واسڻ مسمات روبينه، زال غلام مرتضا لاکاٽيو، عوامي پريس ڪلب ٺٽو پهچي صحافين آڏو دانهيندي چيو آهي ته سندس مڙس بغير اجازت ٻي شادي ڪري کيس گهر مان بيدخل ڪري ڇڏيو آهي۔ هن ٻڌايو ته ان عمل خلاف هن پنهنجي مڙس کان طلاق حاصل ڪرڻ لاءِ سجاول جي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرايو آهي۔ روبينه موجب، ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ سندس مڙس وڌيڪ ڪاوڙ ۾ اچي سندس ڀائرن ۽ پيءُ کي ڌمڪيون ڏنيون آهن ته ڪيس تان هٿ کڻايو، ٻي صورت ۾ کين سخت نقصان پهچايو ويندو۔ هن وڌيڪ ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي معصوم ٻار سميت ٺٽي ۽ مڪلي جي علائقن ۾ روڊن تي دربدر آهي ۽ سندس ڪو به سهارو يا وارث موجود ناهي۔ هن ايس ايس پي سجاول کان فوري تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ کيس انصاف ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي۔