English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير نيشنل پريس ڪلب پاران ٽن مرحوم صحافين کي ڀيٽا
9 views
|
26th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ٽائون ۾ باوقار تقريب، صحافين ۽ اڳواڻن جي وڏي شرڪت
ملير(عبدالرشيد مورجھريو)ملير جي ٽن مرحوم صحافين محمود گهوٽو، ساقي شاه ۽ حمزو پهنور کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ملير نيشنل پريس ڪلب طرفان اسٽيل ٽائون ۾ هڪ باوقار پروگرام ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ صحافين، سياسي، سماجي اڳواڻن، علمي شخصيتن ۽ علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔ان موقعي تي ملير نيشنل پريس ڪلب جي صدر وحيد مراد سيال پنهنجي خطاب ۾ چيو ته محمود گهوٽو، ساقي شاه ۽ حمزو پهنور جهڙا بهادر ۽ اصولي صحافي ڪنهن به سماج جو قيمتي سرمايو هوندا آهن، جن جي کوٽ ڪڏهن به پوري نٿي ٿي سگهي۔ هن چيو ته مرحوم صحافين پنهنجي پيشوراڻي زندگي ۾ حق ۽ سچ لاءِ جدوجهد ڪندي صحافت کي عزت بخشي، جيڪا هميشه ياد رکي ويندي۔تقريب ۾ ايم اين اي حڪيم بلوچ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته مرحوم صحافين هميشه عوامي مسئلن کي اجاگر ڪري عوام جي سچي نمائندگي ڪئي۔ هن چيو ته صحافت معاشري جو اهم ٿنڀو آهي ۽ اهڙن بهادر صحافين جي خدمتن کي سلام پيش ڪجي ٿو۔ هن وڌيڪ چيو ته حڪومت صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهي آهي۔پيپلزپارٽي ملير جي جنرل سيڪريٽري امداد جوکيو پنهنجي تقرير ۾ چيو ته محمود گهوٽو، ساقي شاه ۽ حمزو پهنور پنهنجي علائقي جي ماڻهن لاءِ آواز اٿارڻ ۾ ڪڏهن به پوئتي نه رهيا۔ هن چيو ته اهڙن صحافين جي قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو ۽ سندن مشن کي جاري رکڻ سڀني جي گڏيل ذميواري آهي تقريب ۾ سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاه، ايڊوڪيٽ اشرف سمون، پروفيسر غفور ميمڻ، يونس خاصخيلي، مجيد موٽاڻي، پره سومرو، زيد پيرزادو، زرار پيرزادو ۽ سامي ميمڻ پڻ خطاب ڪندي چيو ته مرحوم صحافي بهادري، ايمانداري ۽ سچائي جا علمبردار هئا، جن پنهنجي قلم وسيلي هميشه مظلوم ماڻهن جي آواز بڻجي سماج جي مسئلن کي اجاگر ڪيو۔مقررن وڌيڪ چيو ته مرحوم صحافين جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون ۽ سندن صحافتي جدوجهد نئين نسل لاءِ مشعلِ راهه آهي۔ هنن زور ڀريو ته صحافين کي متحد ٿي سچائي ۽ انصاف لاءِ جدوجهد جاري رکڻ گهرجي۔تقريب دوران مختلف سياسي، سماجي ۽ صحافتي شخصيتن کي سندن خدمتن جي مڃتا طور ايوارڊ پڻ ڏنا ويا، جنهن تي شرڪت ڪندڙن خوشي ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو۔تقريب جي آخر ۾ سندن ياد ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن عزم ورجايو ته هو مرحوم صحافين جي مشن کي اڳتي وڌائيندا ۽ سچ ۽ حق جي آواز کي هميشه بلند ڪندا رهندا۔ان موقعي تي ظفر حميد، ظهير ميمڻ، امتياز دانش، الطاف شاہ، عرفان عباسي، سجاد شاھ،ستار جوکيو ۽ ٻين خطاب ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
26th Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر آصف علی زرداری 5 روزہ سرکاری دورے پر چین پہنچ گئے
26th Apr 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تجارت میں سہولت دینے کے لیے پاکستان کا بڑا فیصلہ
26th Apr 2026
•
تازہ ترین
وائٹ ہاؤس کی سالانہ صحافتی ڈنر تقریب میں فائرنگ، ٹرمپ محفوظ رہے، حملہ آور گرفتار
26th Apr 2026
•
تازہ ترین
ایرانی وزیرِ خارجہ ایک بار پھر اسلام آباد پہنچ گئے
26th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ مليريا ڊي جي حوالي سان آگاهي ريلي
26th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ رسول آباد واسين جو بااثرن خلاف احتجاج
26th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ڀرسان پلاٽ جي تڪرار تان فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي
26th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ابراهيم حيدري ۾ پوليس ڪارروائي، منشيات فروشي ۾ ملوث عورت گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير نيشنل پريس ڪلب پاران ٽن
0 تبصرے