English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران 50 هزار کان وڌيڪ روپوش جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ، بينڪ اڪائونٽ ۽ پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم
279 views
|
02nd Oct 2023
•
سنڌي خبرون
سموري صوبي ۾ 50 هزار 58 جوابدار روپوش آهن، رڳو لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ روپوش جوابدارن جو انگ 23 هزار کان وڌيڪ آهي؛آءِ جي سنڌ
ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ 50 هزار کان وڌيڪ روپوش جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ، بينڪ اڪائونٽ ۽ پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، بلديا سانحي ڪيس جي ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ته سموري صوبي ۾ 50 هزار 58 جوابدار روپوش آهن، رڳو لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ روپوش جوابدارن جو انگ 23 هزار کان وڌيڪ آهي، عدالت پاران اڌ لک کان وڌيڪ جوابدار روپوش هجڻ تي حيرت جو اظهار، جسٽس ڪي ڪي آغا رمارڪس ۾ چيو ته روپوش جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ بعد سنگين ڏوهه آهي، هن وقت صوبي ۾ ڪا سياسي حڪومت به نه آهي، ڪو اڳوڻو ايم اين اي يا ايم پي اي گرفتاري ۾ مداخلت نه ڪندو، رڳو لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 23 هزا جوابدار روپوش آهن، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ڇا پيو ڪري؟ عدالت جو آءِ جي سنڌ کان پڇاڻو، آءِ جي سنڌ جواب ۾ چيو ته مون 40 ڏينهن اڳ چارج ورتي آهي، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو به تازو مقرر ٿيو آهي، جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ توهان جي ذميواري آهي، اسان ڪنهن ٻئي آءِ جي جو انتظار نه ڪنداسين، آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو ته روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين، عدالت پاران سمورن رپوش جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ، بينڪ اڪائونٽ ۽ پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم، چيئرمين نادرا، گهرو وزارت، پرڏيهي آفيس ۽ اسٽيٽ بينڪ کان 23 آڪٽوبر تائين رپورٽ طلب.....
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jul 2026
•
پاکستان
اوورسیز پاکستانی ملکی معیشت کو مستحکم بنانے میں کلیدی کردار ادا کر رہے ہیں: ڈاکٹر پرویز اقبال لوہسر
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
آبادگارن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پروفيسر عبدالسميع ڀنڀرو
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ٽائون پوليس جي ڪارروائي، 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ استادن جو 2023 جي آدمشماري جو معاوضو نھ ملڻ خلاف احتجاج
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ايس ٽي پي پاران سنڌوءَ جي تحفظ لاءِ 2 آگسٽ تي ريلي ڪڍڻ جو اعلان
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
سنڌ هاءِ ڪورٽ
روپوش
انڪشاف
0 تبصرے