قادرڏنو شاھ موري ڀرسان ڳوٺ حاميد سمون سامھون گنج بحرواھ جي پل جو ڪم رولڙي جو شڪار آھي: اڳواڻ
ٻنون (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي قادرڏنو شاھ موري ڀرسان ڳوٺ حاميد سمون سامھون گنج بحرواھ تان نئين تعمير ٿيندڙ پل جو رھيل ڪم ٺيڪيدار پاران مڪمل نہ ڪرڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪز پريس ترجمان اشرف پليجو، رضوان ملاح ،يامين سومرو، سجاڳ ٻارتحريڪ جي صالح سمون جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيوويو. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ تمام وڏي عرصي کان گنج بحر واھ جي مٿان تعمير ٿيندڙ ڪم ٺيڪيدار اڌ م ڇڏي ڀڄي ويو آھي. جنھن سبب جي ڪري ڳوٺن جا ٻارڙن کي اسڪول م پڙھڻ لاء وڃڻ م تمام سخت تڪليف ٿئي ٿي .ان کان سواء گنج بحرواھ جي ٻنھي پاسن جي ڳوٺن ماڻھن کي اچ وڃ م بہ وڏي تڪليف ٿئي ٿي . جڏھن ڪو ماڻھو وفات ڪري ويندو آھي تہ ميت کي ٻي پاسي اڪاري مقام تائين پھچائڻ بہ وڏو مسئلو بڻيل آھي. ھنن ڊي سي ٽنڊو محمدخان اسسٽنٽ ڪمشنر بلڙي شاھ ڪريم سميت اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي تہ جلد کان جلد ٺيڪيدار کان گنج بحر واھ جي پل جو رھيل مڪمل ڪرايو وڃي نہ تہ ٻي صورت م احتجاج جو دائرو وڌايوويندو
0 تبصرے