قمبر مان نينگري مبينا اغوا، والد جو احتجاج

13ورهين جي جنت کي ظهير گوپانگ ۽ راجا گوپانگ اغوا ڪري ويا آهن: جاويد منگي

قمبر مان نينگري مبينا اغوا، والد جو احتجاج

قمبر مان نينگري مبينا طور اغوا ٿي وئي، سندس والد جاويد منگي جو چوڻ آهي ته آئون درزڪو ڪم ڪندو آهيان، 13ورهين جي نياڻي جنت ڇنڇر ڏينهن گهران ڪپڙن کي ڪاج ڪرائڻ لاءِ نڪرڻ بعد واپس نه آئي، ڳولا باوجود سندس پتو نه پئجي سگهيو، هاڻ خبر پئي آهي ته ڌيءَ کي ظهير گوپانگ ۽ راجا گوپانگ اغوا ڪيو آهي، جوابدار بااثر آهن، نوٽيس وٺي نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي