ٺٽي ۾ تعليم کاتي جي لوئر اسٽاف جي ملازمن پاران ريلي ڪڍي وئي

پبلڪ پارڪ مڪلي کان ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر (پرائمري) جي آفيس تائين ريلي ڪڍي وئي

ٺٽي ۾ تعليم کاتي جي لوئر اسٽاف جي ملازمن پاران ريلي ڪڍي وئي

ٺٽو (شفيق ڀٽي) تعليم کاتي جي لوئر اسٽاف جي ملازمن پنهنجي جائز مطالبن جي منظوري لاءِ پبلڪ پارڪ مڪلي کان ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر (پرائمري) جي آفيس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي. احتجاج جي اڳواڻي لوئر اسٽاف ايجوڪيشن ايسوسيئيشن ضلعي ٺٽي جي صدر عبدالڪريم خاصخيلي، جنرل سيڪريٽري راشد سمون، تعلقي صدر قمرالدين شيخ، درياخان جوکيو، منير بروهي، مسڪين جمن ملاح ۽ جيلاني بروهي ڪئي. مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي سخت نعريبازي ڪئي ۽ چيو ته بيوروڪريسي مسلسل لوئر اسٽاف سان ناانصافيون ڪري رهي آهي. هنن چيو ته نه سينيارٽي لسٽ جاري ڪئي پئي وڃي ۽ نه ئي ٺٽو ٽريزري آفيس ۾ ملازمن جا جائز ڪم رشوت کانسواءِ ڪيا وڃن ٿا. سندن چوڻ هو ته سال 2007ع ۾ ڀرتي ٿيل ملازمن کي اڃا تائين ڊفرنس (بقايائون) ادا نه ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر مختلف اعتراض لڳائي کين وڌيڪ پريشان ڪري رهيو آهي. ملازمن مطالبو ڪيو ته لوئر اسٽاف سان ٿيندڙ ناانصافين جو فوري ازالو ڪيو وڃي، سينيارٽي لسٽ بنا دير جاري ڪئي وڃي، سال 2007ع جي ملازمن جا ڊفرنس بل منظور ڪري ادائيگي ڪئي وڃي، پروموشن جا معاملا حل ڪيا وڃن ۽ سندن سڀئي جائز مسئلا ترت حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو. ٻئي طرف سنڌ جي صوبائي وزير ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر سيد رياض حسين شاهه شيرازي احتجاج جو نوٽيس وٺندي پنهنجي سيڪريٽري حاجي حنيف ميمڻ کي احتجاج واري هنڌ موڪليو، جنهن احتجاجي اڳواڻن جي صوبائي وزير سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪرائي. ان موقعي تي سيد رياض حسين شاهه شيرازي يقين ڏياريو ته ٻن ڏينهن اندر سينيارٽي لسٽ سميت لوئر اسٽاف جا سمورا جائز مسئلا حل ڪرڻ لاءِ عملي قدم کنيا ويندا. ان يقين ڏيارڻ کان پوءِ ملازمن پنهنجو احتجاج عارضي طور ختم ڪري ڇڏيو، پر خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مقرر ڪيل مدي اندر سندن جائز مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته پهرين آگسٽ کان ضلعي ٺٽي جي سمورن تعليمي ادارن ۾ تالا بندي ڪري ڀرپور احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي، جيڪا مطالبن جي منظوري تائين جاري رهندي.