شڪارپور انجمن طلباءِ اسلام جي وفد جي ميونسپل ڪميٽي جي عملدارن سان ملاقاتون

وفد ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين فياض محمود شيخ ۽ وائيس چيئرمين وسيم الدين صديقي سان ملاقات ڪيون

شڪارپور انجمن طلباءِ اسلام جي وفد جي ميونسپل ڪميٽي جي عملدارن سان ملاقاتون

شڪارپور (ڊ ر)انجمن طلباء اسلام شڪارپور جي وفد جي چیئرمین ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور فياض محمود شيخ وائس چيئرمين وسيم الدين صديقي سان الڳ الڳ ملاقات ۽ کین حلف کڻڻ تي مبارڪباد ڏنی وئي میونسپل ڪامیٽي جي آفیس ۾ ٿیل ملاقات ۾ انجمن طلباء اسلام جی وفد پاران صاحبزادہ فضل اللہ نوراني پريس ترجمان انجمن طلباء اسلام صوبہ سندھ. اسداللہ نقشبندي ناظم ATI ضلع شڪارپور. خالد احمد شيخ جوائنٽ سيڪريٽري ATI شڪارپور احسان ﷲ معرفاڻي پريس سيڪريٽري ATI ضلع شڪارپور موجود هئا جتی ATI جي وفد پاران سردارزادہ فیاض محمود شیخ جی ڪم کی ساراھیندی چیو تہ اوھان جی حلف کڻڻ سان ئي شھر جی صفائي سٿرائي سمیت پمپنگ میشنن جی ٽيڪنيڪل خرابین ۾ سڌارن سمیت عیدگاھن تی بھترین انتظامات ڪرڻ بهترين اقدامات آھن ۽ شھر جو عوام خوش سرھو نظر اچی رھیو آھی ۽ اسان امید ٿا ڪریون ته اھڙي ئي انداز سان شھر جی خدمت تسلسل جاری رھندو ۽ محرم الحرام ۽ ربیع الاول شریف جی مقدس مھینن ۾ بہ بھتر کا بھتر انتظامات جی امید ڪجي ٿي۔ انهي موقعي تي ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور جي چيئرمين فياض محمود شيخ ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته انجمن طلبہ اسلام جي نوجوانن هميشه عشق مصطفیٰ ﷺ جی شمع روشن ڪرڻ لاءِ نوجوانن ۾ شعور پيدا ڪيو آهي ٻئي طرف وسيم الدين صديقي القادري وائس چيئرمين چيو ته هميشه انجمن طلباء اسلام شڪارپور جي پروگرامن ۾شرڪت هميشه شرڪت ڪئي آهي جتي دلي سڪون مليو آهي انجمن طلبہ اسلام محبت رسول عشق رسول ﷺ جو پيغام عام ڪرڻ سان گڏوگڏ شڪارپور ۾ سوشل ڪمن ۾ به هميشه اڳ کان اڳڀري رهي آهي.