English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
28 آئيني ترميم ذريعي تڪراري ڪينالن جي نئين سر تعمير، سنڌ جي وحدت، پاڻي، وسيلن ۽ صوبائي خودمختياري تي حملو ٿيو تہ نتيجو خراب نڪرندو: اياز لطيف پليجو
244 views
|
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ 28 آئيني ترميم ذريعي تڪراري ڪينالن جي ٻيھر نئين سر تعمير، سنڌ جي وحدت، پاڻي، وسيلن ۽ صوبائي خودمختياري تي حملو ٿيو تہ نتيجو خراب نڪرندو. 7 ڪروڙ سنڌي انتھائي سخت مزاحمت ڪندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ 26 ۽ 27هين ترميم پاڪستان ۽ سنڌ جي عوام کي تمام گهڻو مايوس ڪيو آهي، 26 ۽ 27هين ترميم ذريعي عدليا، اسيمبلين، اظهار جي آزادي ۽ صوبن کي ڪمزور ڪيو ويو. سنڌ پهرين ئي تباھ لڳي پئي آھي. 28ھين آئيني ترميم ذريعي سنڌ جا باقي رھيل اختيار بہ ختم ڪيا ويندا. پيپلزپارٽي سنڌ وڪڻڻ لاء تيار آھي. وسيلا وڪڻي حڪومت خريد ڪئي وئي آھي. 28 ترميم ۾ سنڌ وفاق وٽ گروي ٿي ويندي، ڪراچي ھليو ويندو، تعليم، صحت، پوليس جا کاتا بہ وفاق حوالي ٿي ويندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ تي جيڪڏهن ڪنهن حملي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ڪھڙي بہ ايجنڊا تحت ڪھڙي بہ مقصد تحت تہ پوءِ ياد رکو حڪمرانو! سنڌ ۾ ذاتين، شھرن، جھنڊن، پارٽين جو فرق ڪونہ ھوندو، تڏهن سنڌ ھڪڙي مٺ ھوندي، ھڪڙي تسبيح ھوندي، ھڪڙي للڪار ھوندي، ھڪڙو مضبوط حوصلو ۽ عزم ھوندو. پيپلز پارٽي کي ٻڌايون تہ سڀ ڪجھ اقتدار ناھي. تاريخ مان سبق سکو. ائين نہ ٿئي جو عبرت جو نشان بنجي وڃو. تاريخ ۾ توھان تي فخر بدران شرمندي جو اظھار ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کانسواءِ پاڪستان ناھي. سنڌ خلاف سازشون ملڪ خلاف سازشون آھن. انڪري حڪمران ھوش کان ڪم وٺن، ملڪ خلاف سازشون بند ڪيون وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jul 2026
•
پاکستان
اوورسیز پاکستانی ملکی معیشت کو مستحکم بنانے میں کلیدی کردار ادا کر رہے ہیں: ڈاکٹر پرویز اقبال لوہسر
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
آبادگارن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پروفيسر عبدالسميع ڀنڀرو
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ٽائون پوليس جي ڪارروائي، 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ استادن جو 2023 جي آدمشماري جو معاوضو نھ ملڻ خلاف احتجاج
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ايس ٽي پي پاران سنڌوءَ جي تحفظ لاءِ 2 آگسٽ تي ريلي ڪڍڻ جو اعلان
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے