English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: سنڌ انڊيجيئنس رائيٽس الائنس جو گڏيل اجلاس، تنظيم سازي ۽ عوامي مسئلن تي اهم فيصلا
182 views
|
10th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ بدامني، منشيات، ريتي بجري مافيا ۽ ڪاروكاري جي مذمت، گل حسن ڪلمتي ۽ حمزه پنهور کي ڀيٽا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ انڊيجيئنس رائيٽس الائنس جي مرڪزي ۽ ڪراچي چيپٽر جو اجلاس مرڪزي صدر خدا ڏنو شاهه جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ تنظيمي، سياسي، سماجي ۽ عوامي معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو۔ اجلاس ۾ الائنس جي مرڪزي ۽ ڪراچي چيپٽر جي ذميوارن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي۔اجلاس دوران تنظيم کي وڌيڪ فعال ۽ منظم بڻائڻ لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا۔ ميمبرشپ فهرست ترتيب ڏني وئي، نون ميمبرن جي منظوري ڏني وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ اجلاس تائين سمورا ميمبر فارم ۽ فيس جمع ڪرائيندا ته جيئن تنظيمي ڍانچي کي مضبوط بڻائي سگهجي۔ گڏوگڏ ايندڙ اجلاس ۾ جنرل باڊي اجلاس جي تاريخ جو اعلان ڪري مرڪزي ۽ ڪراچي چيپٽر جي چونڊ عمل ڪرائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو۔اجلاس ۾ 17 مئي تي عظيم محقق، دانشور، اديب، مورخ ۽ الائنس جي باني ميمبر گل حسن ڪلمتي جي ورسي بابت تفصيلي مشاورت ڪئي وئي۔ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ورسي سندن ڳوٺ يا لاڳاپيل علائقي ۾ منعقد ڪئي ويندي، جڏهن ته حفيظ بلوچ کي هدايت ڪئي وئي ته هو وارثن سان ملاقات ڪري پروگرام بابت صلاح مشورا مڪمل ڪري اجلاس ۾ سنڌ انڊيجيئنس رائيٽس الائنس جي باني ميمبر، سينيئر صحافي حمزه پنهور کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي۔ فيصلو ڪيو ويو ته گل حسن ڪلمتي جي ورسي کان پوءِ رزاق آباد ملير ۾ سائين حمزه پنهور جي ياد ۾ تعزيتي ۽ ريفرنس پروگرام منعقد ڪيو ويندو، جنهن جي تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو۔اجلاس ۾ ملير سميت سنڌ جي مجموعي سياسي ۽ سماجي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ويو ته ملير ۾ بدامني، منشيات، ڦرن ۽ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا صورتحال تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام بڻيل آهن۔ اڳواڻن چيو ته نوجوانن کي منظم طريقي سان منشيات ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، جيڪا انتهائي افسوسناڪ صورتحال آهي۔اجلاس ۾ ملير ۾ ريتي ۽ بجري جي غيرقانوني کوٽائي تي پڻ سخت تحفظات ظاهر ڪيا ويا۔ اڳواڻن چيو ته دفعه 144 ۽ قانوني پابندين باوجود بااثر ڌريون قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ ۾ مصروف آهن، جنهن سبب ماحولياتي تباهي سان گڏ مقامي آبادي ۽ قدرتي جاگرافي کي به سنگين خطرا لاحق ٿي رهيا آهن۔ الائنس مطالبو ڪيو ته ريتي بجري مافيا خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪئي وڃي۔اجلاس دوران سنڌ ۾ وڌندڙ ڪاروكاري جي واقعن تي پڻ گهري تشويش ظاهر ڪئي وئي۔ اڳواڻن چيو ته ڪاروكاري عورتن خلاف هڪ بي رحم ۽ دهشتگرداڻو جرم آهي، جنهن کي روايت جي نالي تي تحفظ ڏنو پيو وڃي۔ هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اهڙن واقعن کي دهشتگردي جي زمري ۾ شامل ڪري جوابدارن خلاف دهشتگردي ٽوڙ عدالتن تحت ڪيس داخل ڪيا وڃن۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان میں بڑھتے ہوئے تھیلیسیمیا کے کیسز اور خون کے عطیات کی اہمیت
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
میرٹ اور مستقبل کے تحفظ کے لیے احتجاج کرنے والے نوجوان پرعزم، قومی شاہراہ پر دھرنے کی تجویز
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
امریکا کا ایران کی سمندری ناکہ بندی مزید سخت کرنے کا دعویٰ
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
امریکا نے ایران پر فضائی حملے شروع کر دیے
30th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اھم اجلاس منعقد
30th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: سٽي پوليس پاران 4 جوابدار گرفتار ڪري 4 ڪلو آفيس ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ
30th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ڀرسان پٽ جو پيرسن والدين ۽ ڀاءُ تي مبينا تشدد
30th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ انڊيجيئنس رائيٽس الائنس پاران ملير ۽ شاهه حسن ٻيٽ تي زمينن تي قبضي خلاف احتجاجي تحريڪ جو اعلان
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌ انڊيجيئنس رائيٽس الائنس جو گڏيل
0 تبصرے