English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ چوپائي ۽ ٻاڪري مال ۾ ويڪسين مهم مڪمل
34 views
|
08th May 2026
•
سنڌي خبرون
سماجي تنظيم جي مهم دوارن 424 جانورن کي ويڪسين لڳائي وئي
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سماجي تنظيم اويئر پاران عمرڪوٽ ۾ مال جي ويڪسينيشن مهم مڪمل، 3 ھزار 424 جانورن کي ويڪسين لڳائي ويئي، موسمياتي تبديليءَ جي اثرن خلاف مزاحمت مضبوط ڪرڻ لاءِ قدم خبر موجب سماجي تنظيم اويئر پاران عمرڪوٽ ضلعي جي مختلف علائقن UC صاڀو /ڪونجهلي جي ڳوٺن ميان ٻانڌي ۽ گل محمد پلي، جڏهن ته UC KS عطا محمد پلي جي ڳوٺن غموري، خبر ڀيل، عيسيٰ منگريو ۽ بابو فقير ۾ ڪئمپون قائم ڪيون ويون جڏھن ته ويڪسين لڳائڻ واري منصوبي جي مئنيجر رجب علي سمون چيو ته مهم جو مقصد پٺتي پيل ۽ پري وارن علائقن ۾ رهندڙ مالوندن کي ضروري ويٽرنري سهولتون فراهم ڪرڻ هو مال جي بيمارين جهڙوڪ پيسٽ ڊي پيٽيٽس رومننٽس (PPR) ۽ فُٽ اينڊ مائوٿ ڊزيز (FMD) جي ڦهلاءَ کي روڪڻ هو، جيڪي غريب خاندانن جي معيشت لاءِ وڏو خطرو آهن ھن چيو ته اسان جي ترجيح اها هئي ته انهن برادرين تائين ماهر ويٽرنري خدمتون پهچايون وڃن، جتي اهڙيون سهولتون تقريبن موجود ناهن بروقت ويڪسينيشن مال جي موت ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ غريب آبادگارن جي موسمياتي مزاحمت وڌائڻ لاءِ انتهائي اهم آهي ھن چيو ته ويڪسينيشن مهم دوران مجموعي طور 3,424 جانورن کي ويڪسين لڳائي وئي، جن ۾ 2,428 ٻڪريون، 533 ڳئون، 256 رڍون، 207 مينهون شامل آهن ان کان علاوه، ويٽرنري ٽيمن معدي جي بيمارين، اينٽروٽوڪسيميا ۽ بليڪ ڪوارٽر جهڙين عام بيمارين جو علاج ۽ صلاح مشورا پڻ فراهم ڪيا مقامي مالوندن هن قدم کي ساراهيندي چيو ته اها مهم سندن روزگار جي تحفظ لاءِ اهم سهارو ثابت ٿي آهي مهم دوران ڳالهائيندي لائيو اسٽاڪ ماهر ڊاڪٽر معشوق علي چيو ته موسمياتي تبديليءَ سبب فصلن جي نقصان کانپوءِ مال مويشي هاڻي ڳوٺاڻن خاندانن لاءِ اهم معاشي سهارو بڻجي چڪا آهن ھن چيو ته انهن علائقن ۾ ڪيترن ئي خاندانن جي بقا جو بنياد هاڻي جانور بڻجي ويا آهن جڏهن فصل ناڪام ٿين ٿا ته کير ۽ مال جي وڪري مان حاصل ٿيندڙ آمدني خاندانن کي خوراڪ، صحت ۽ تعليم جهڙيون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. جانورن جي صحت جو تحفظ دراصل ماڻهن جي روزگار جو تحفظ آهي واضح رهي ته ايسوسيئيشن فار واٽر، اپلائيڊ ايجوڪيشن اينڊ رنيوئبل ريسورسز (AWARE) پاران پاڪستان پاورٽي اليوليئيشن فنڊ (PPAF) جي سهڪار سان “ريسٽورنگ سوشل سروسز اينڊ ڪلائيميٽ ريزيلينس (RSS&CR)” منصوبي تحت عمرڪوٽ ضلعي جي ڇهن ڳوٺن ۾ وڏي پيماني تي هي مال جي ويڪسينيشن مهم هلائي وئي مهم جي ڪامياب مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اويئر ۽ مقامي اڳواڻن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ضلعي جي متاثر علائقن ۾ باقاعده ويڪسينيشن ۽ ويٽرنري خدمتن کي مستقل بنيادن تي وڌايو وڃي، جيئن ڊگهي مدي واري موسمياتي مزاحمت ۽ ڳوٺاڻن جي معاشي استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عيسيٰ منگريو ۽ بابو فقير ڳوٺن ۾ ڪئمپون قائم ڪيون ويون
0 تبصرے