English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ اولمپڪ ايسوسي ئيشن پاران مس ثناءَ علي جي اعزاز ۾ شاندار تقريب منعقد
50 views
|
08th May 2026
•
سنڌي خبرون
ڪراچي : سنڌ اولمپڪ ايسوسي ئيشن جي اهتمام هيٺ سنڌ اولمپڪ سيڪريٽريٽ آفيس، ڪي ايم سي اسپورٽس ڪمپليڪس ڪشمير روڊ ڪراچي ۾ مس ثناءَ علي جي اعزاز ۾ هڪ باوقار ۽ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي۔ تقريب ۾ راندين سان لاڳاپيل شخصيتن، آفيسرن، ميڊيا نمائندن ۽ مختلف گيمز ايسوسي ائيشنن جي عهديدارن شرڪت ڪئي۔ مس ثناءَ علي کي اهو منفرد اعزاز حاصل ٿيو ته هن ڇهين ايشيئن بيچ گيمز، سائنہ چين ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ پاڪستان جي پهرين ليڊي شيف ڊي مشن بڻجڻ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو۔ اهو اعزاز پاڪستان اولمپڪ ايسوسي ئيشن جي صدر عارف سعيد ۽ جنرل سيڪريٽري خالد محمود پاران سنڌ کي ڏنو ويو۔ تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ اولمپڪ ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري احمد علي راجپوت مس ثناءَ علي کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته هي سنڌ ۽ پاڪستان لاءِ هڪ تاريخي لمحو آهي۔ هن موقعي تي سنڌ اولمپڪ ايسوسيئيشن سان لاڳاپيل مختلف گيمز جي سيڪريٽرين، صدرن ۽ آفيس اسٽاف پڻ مس ثناءَ علي کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي۔ مس ثناءَ علي پنهنجي خطاب ۾ الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪندي چيو ته کيس فخر آهي ته هي اعزاز پهريون ڀيرو سنڌ کي حاصل ٿيو آهي ۽ هن ڪاميابي ۾ سڀني آفيس بيئررن ۽ راندين سان لاڳاپيل ماڻهن جون ڪوششون شامل آهن۔ شاندار تقريب جي پڄاڻي تي 35هين نيشنل گيمز جي آرگنائيزرن، آفيس بيئررن ۽ ميڊيا پرسنز ۾ اعزازي شيلڊون ورهايون ويون۔ ان موقعي تي انجنيئر محفوظ الحق، جميل احمد، نديم خان، ميڊيا مئنيجر محمد قمر خان ۽ ميڊيا ڪوآرڊينيٽر ڪاشف احمد فاروقي کي اعزازي شيلڊن سان نوازيو ويو آهي...
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌ اولمپڪ ايسوسي ئيشن پاران مس
سنڌ اولمپڪ ايسوسي ئيشن جي
0 تبصرے