لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو

ڀيڻ جو ٻار ضايع ٿي ويو هو جنهن جو ڊاڪٽر عذرا بليدي کان علاج ڪرايو هو: ذيشان سنديلو

لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو

لاڙڪاڻو(بيورو) لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي خطري ۾، ناري جي ڀاءُ ذيشان سنديلو دانهيندي چيو ته ڀيڻ جو ٻار ضايع ٿي ويو هو جنهن جو ڊاڪٽر عذرا بليدي کان علاج ڪرايو هو، پر غلط علاج سبب کيس مسلسل بلڊ اچڻ سبب سندس حياتي خطري ۾ پئجي وئي آهي، هن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر عذره بليدي خلاف ڪارروائي ڪري عورتن جي حياتي بچائي وڃي