فاطمه فرٽيلائيزر طرفان ”سارين جي منافعي بخش پيداوار“ جي عنوان ھيٺ سيمينار منعقد
سجاول (رپورٽر) زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي جنهن سان زرعي پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. اھڙو اظھار فاطمه فرٽيلائيزر جي ڊيولپمنٽ مينجر عبدالصمد ابڙو سجاول جي مقامي ھال ۾ فاطمه فرٽيلائيزر ڪمپني طرفان ”سارين جي منافعي بخش پيداوار“ جي عنوان ھيٺ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ھن چيو ته سارين جي سٺي پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آھي ته اسان فاطمه فرٽيلائيزر جي تيزابي اثر واري سرسبز نائٽروفاس ۽ سرسبز ڪيلشيئم امونيم نائٽريٽ ڀاڻ جو استعمال ڪريون، جنھن جي استعمال سان پيداوار ۾ اضافي سان گڏوگڏ زمين پڻ بھتر ٿئي ٿي. سيمينار جي خاص مھمان ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايگريڪلچر ايڪسٽينشن سليم جوکيو چيو ته سارين جي پيداوار ۾ اضافي لاءِ ڀاڻ مددگار ثابت ٿيندو آھي ۽ معياري ڀاڻ ٺاھڻ لاءِ فاطمه فرٽيلائيزر جو ھڪ مقام ۽ نالو آھي. فاطمه فرٽيلائيزر جي ٽيڪينڪل آفيسر ذيشان سليم دوران آبادگارن کي سرسبز ڀاڻ جي استعمال بابت مفيد مشورا ڏنا. سيمينار ۾ فاطمه فرٽيلائيزر جي سلطان کوکر، ڊپٽي ڊائريڪٽر آغا مھتاب پٺاڻ ولي الله چنا ۽ انکان سواءِ ٻين آبادگار اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو. سيمينار ۾ سجاول، جاتي ۽ چوهڙ جمالي جي آبادگارن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
0 تبصرے