ڪمپني جي احاطي ۾ موجود پاڻي جي ٽانڪي ۾ ڪم دوران 3ڄڻا اوچتو ڪري پيا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پورٽ قاسم جي صنعتي علائقي ۾ واقع هڪ فلور مل ڪمپني ۾ پيش آيل افسوسناڪ حادثي جي نتيجي ۾ پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٻڏي هڪ شخص فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻه ڄڻا بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيا ويا.ريسڪيو ذريعن موجب اهو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن ڪمپني جي احاطي ۾ موجود پاڻي جي ٽانڪي ۾ ڪم دوران ٽي ڄڻا اوچتو ڪري پيا. اطلاع ملڻ تي امدادي ٽيمون فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ ٽنهي ڄڻن کي ڪڍي ايمبولينس ذريعي جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر منتقل ڪيو ويو.حادثي ۾ فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ وحيد طور ٿي آهي، جنهن جي عمر تقريباً 30 سال ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيلن ۾ آصف عمر 45 سال ۽ ارشاد عمر 35 سال شامل آهن.اسپتال ذريعن موجب ٻنهي متاثرن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي ۽ سندن حالت بابت وڌيڪ طبي جاچ جاري آهي. ابتدائي اطلاعن مطابق امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته واقعو ٽانڪي ۾ آڪسيجن جي کوٽ يا زهريلي گيس جمع ٿيڻ سبب پيش آيو، پر حتمي سبب تحقيق کان پوءِ سامهون ايندو، واقعي کان پوءِ ڪمپني انتظاميه ۽ لاڳاپيل اختيارين واقعي واري هنڌ جو معائنو شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته حفاظتي انتظامن ۽ ممڪن غفلت جي جو به جائزو ورتو پيو وڃي. پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن طرفان وڌيڪ جاچ جاري آهي۔
0 تبصرے