English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جي عوام پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهي: نيلم ڪماري
131 views
|
16th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ايم اين اي نيلم ڪماري بجيٽ اجلاس دوران ٿر ۾ پاڻي جي کوٽ، فصلن جي تباهي، گهٽ عمر نياڻين جي مسئلن بابت آواز اٿاريو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس 2026 ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اقليتي ميمبر قومي اسيمبلي نيلم ڪماري عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جي عوام کي درپيش بنيادي مسئلن تي آواز بلند ڪندي حڪومت جو ڌيان ريگستاني علائقن جي اهم مسئلن ڏانهن ڇڪايو، هن خطاب ڪندي چيو ته عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جا عوام پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته پاڻي جي شديد کوٽ سبب زرعي زمينون متاثر ٿي رهيون آهن ۽ آبادگارن جا فصل تباهي جو شڪار ٿي رهيا آهن، هن مطالبو ڪيو ته پاڻي جي مسئلي جي مستقل حل لاءِ خاص منصوبا شروع ڪيا وڃن ۽ بجيٽ ۾ مناسب فنڊ رکيا وڃن، نيلم ڪماري چيو ته ريگستاني علائقن ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي، زراعت جي تحفظ ۽ عوامي مسئلن جي خاتمي لاءِ عملي قدم کڻڻ انتهائي ضروري آهن، هن گهٽ عمر نياڻين جي اغوا جهڙن حساس معاملن تي به ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن، جڏهن ته متاثر خاندانن کي فوري انصاف جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، قومي اسيمبلي جي ميمبر اقليتي نوجوانن جي مسئلن جو ذڪر ڪندي چيو ته تعليم ۽ روزگار جا موقعا وڌائڻ جي ضرورت آهي، هن مطالبو ڪيو ته هندو نوجوانن سميت اقليتي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ اسڪالرشپ ۾ اضافو ڪيو وڃي، جيئن هو بهتر تعليم حاصل ڪري اڳتي وڌي سگهن، هن عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ تعليم، صحت، پاڻي ۽ ترقياتي منصوبن لاءِ بجيٽ ۾ خاص ڌيان ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته پٺتي پيل علائقن جي ترقي کانسواءِ ملڪ جي ترقي جو خواب مڪمل نٿو ٿي سگهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان میں بڑھتے ہوئے تھیلیسیمیا کے کیسز اور خون کے عطیات کی اہمیت
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
میرٹ اور مستقبل کے تحفظ کے لیے احتجاج کرنے والے نوجوان پرعزم، قومی شاہراہ پر دھرنے کی تجویز
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
امریکا کا ایران کی سمندری ناکہ بندی مزید سخت کرنے کا دعویٰ
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
امریکا نے ایران پر فضائی حملے شروع کر دیے
30th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اھم اجلاس منعقد
30th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: سٽي پوليس پاران 4 جوابدار گرفتار ڪري 4 ڪلو آفيس ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ
30th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ڀرسان پٽ جو پيرسن والدين ۽ ڀاءُ تي مبينا تشدد
30th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ انڊيجيئنس رائيٽس الائنس پاران ملير ۽ شاهه حسن ٻيٽ تي زمينن تي قبضي خلاف احتجاجي تحريڪ جو اعلان
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جي عوام پيئڻ جي پ
ڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهي: نيلم ڪماري
0 تبصرے