نيشنل پريس ڪلب جي سڏ تي نڪتل ريلي ۾ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
سجاول (رپورٽر) نيشنل پريس ڪلب سجاول جي سڏ تي ناموسِ رسالت ﷺ جي تحفظ لاءِ عظيم الشان ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ ريلي مامون لاڏو چوڪ کان شروع ٿي پبلڪ پارڪ تائين پهتي، جتي مختلف مڪتبِ فڪر جي عالمن، صحافين، سياسي ۽ سماجي شخصيتن سميت شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري ناموس رسالت صہ تان سر قربان ڪرڻ جو عزم ورجايو. ريلي جي شرڪت ڪندڙن گستاخانه واقعن خلاف سخت نعريبازي ڪندي عشقِ رسول ﷺ جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي مدرسه قاسميہ سجاول جي مھتمم مولانا محمد اسماعيل قاسمي، نيشنل پريس ڪلب جي صدر حافظ سعيداللہ ميمڻ، جي يو آئي اڳواڻن مولانا غلام حسين ميمڻ، مولانا علم الدين سومرو، مولوي اشرف ميمڻ، سني رابطہ ڪونسل اڳواڻ الياس فاروقي، جماعت اھل حديث جي اڳواڻن حفيظ الرحمان ميمڻ، حافظ مشتاق جلالاڻي، تحريڪ لبيڪ پاڪستان اڳواڻ حافظ غلام مرتضیٰ ٻارڻ، يوٿ اڳواڻ سعيد عمراڻي چيو ته ناموسِ رسالت ﷺ جو تحفظ هر مسلمان جي ايمان جو بنيادي حصو آهي ۽ ان معاملي تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي قبول نه ڪئي ويندي۔ انھن چيو ته عاشقانِ رسول ﷺ پنهنجي جانين جون قربانيون ڏئي سگهن ٿا، پر گستاخي هرگز برداشت نه ڪندا. هنن مطالبو ڪيو ته اسلامي شعائر جي غلط استعمال خلاف قانون تي سختي سان عمل ڪرائي ملڪ ۾ مذهبي هم آهنگي ۽ قانون جي بالادستي کي يقيني بڻايو وڃي۔ريلي ۾ تازو وڌنڌڙ قاديانين جي سرگرمين ۽ باالخصوص لاڙڪاڻي واري واقعي ۾ ملوث قاديانين خلاف فوري قانوني ڪارروائي جو پڻ مطالبو ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن چيو ته پاڪستان هڪ اسلامي جمهوريه ملڪ آهي، جتي اسلامي شعائر جو احترام ھر ھڪ مٿان لازمي آهي۔ ريلي دوران احتجاج طور باني قاديانيت مرزا غلام محمد قادياني جو پُتلو تيار ڪري گڏھ تي رکي شھر ۾ سرڪس ڪرايو ويو، جڏهن ته ريلي جي پڄاڻي تي پُتلي کي باهه ڏئي ساڙيو ويو۔آخر ۾ ملڪ جي سلامتي، استحڪام ۽ امتِ مسلمه جي ڀلائي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون.ريلي ۾ انجمن تاجران ضلع سجاول جي صدر حافظ رياض احمد ميمڻ،تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي بابو جمن کٽي، شھري اڳواڻن حاجي ملاح، حبيب اللہ سومرو، مولوي عبدالرحيم مگسي، صحافين حسين آزاد، سليمان ميمڻ، نديم ميمڻ، رياض قاسمي، خالد طاھراڻي، بابو جان ڪنڊرا، عبدالرشيد خاصخيلي، شھباز ميمڻ، زبير احمد ميمڻ، وقار احمد ميمڻ، وفا بابو پٺاڻ، شوڪت ھالو، دلشاد ميمڻ، خدابخش ڪونجڙو، قادر ڏنو ڀٽي سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ سوين شھرين شرڪت ڪئي. نيشنل پريس ڪلب سجاول جي زيرِ اهتمام نڪتل هي ريلي پُرامن نموني پنهنجي پڄاڻي تي پهتي۔
0 تبصرے