English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شاھوڪار سنڌ جا ماڻهو اذيت واري زندگي گذاري رهيا آهن: اياز لطيف پليجو
23 views
|
01st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
مغوي ايڪسائيز آفيسر سعيد احمد ميمڻ جي بلوچستان مان بازيابي جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان سندس لا آفيس قاسم آباد ۾ سنڌ ميمڻ اتحاد جي خصوصي مرڪزي وفد ملاقات ڪئي مغوي ايڪسائيز آفيسر سعيد احمد ميمڻ جي بلوچستان مان بازيابي لاء تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي اياز لطيف پليجو وفد کي ھر ممڪن مدد جو يقين ڏياريو ۽ ورتل ڪوششن کان آگاھ ڪيو. وفد اياز لطيف پليجو جي ڀرپور تعاون تي سندن ٿورا مڃيا. ٻئي پاسي جاپان ۽ برطانيا کان آيل عبدالحميد سومرو عبدالرزاق ٻرڙو ۽ ٻين مهمانن اياز لطيف پليجو سان سندس رھائشگاھ تي ملاقات ڪري عالمي، ملڪي ۽ سنڌ جي موجوده صورتحال تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي ان موقعي اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو تہ پيپلزپارٽي جي سنڌ ۾ 18 سالن خراب حڪمراني جي ڪري سنڌ ۾ غربت، بيروزگاري ۽ بي انتھا مھانگائي آھي. ھر کاتي ۾ ڪرپشن آھي. ڪرپٽ ماڻھن خلاف ڪا بہ ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي. جنھنڪري وزير ۽ بيوروڪريسي بي خوف ٿي ڪرپشن ڪري رھيا آھن شاھوڪار سنڌ جا ماڻهو اذيت واري زندگي گذاري رهيا آهن خوشحال ماڻهو بدحال ٿي ويا آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا ادارا تباھ ، ڳوٺ فقير، شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويا آهن، سنڌ جا ماڻهو پٿر جي دور ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ميرٽ کي قتل ڪري لکين روپيا وٺي نوڪريون وڪرو ڪيون وڃن ٿيون. چيو تہ ضياء ۽ مشرف واري آمريت حڪومت پيپلز پارٽي حڪومت جي سنڌ حڪومت تسلسل آھي.ڪرپٽ حڪمرانن سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ ماڻهن کي پنهنجي مرضيءَ سان ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي جي غلط پاليسين جي ڪري سنڌ ۾ بي پناھ غربت وڌي، ھڪ طرف سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آھي، تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻي معدنيات آھي، ٻئي طرف زراعت، سمنڊ ۽ بندرگاھ آھن، اھڙن وسيلن وارا رياستون ترقي يافتہ ۽ خوشحال آھن پر سنڌ ۾ عوام بدحال ۽ پيپلا ۽ ڪرپٽ حڪمران خوشحال آھن. پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ وزيرن، مشيرن ۽ سنڌ مان اربين روپيا لٽي دبئي، لنڊن ۽ ٻين ملڪن ڏانھن منتقل ڪري پنھنجي بي پناھ دولت ٺاھي آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان ۾ شامل وحدتن کي ڪڏهن بہ برابري وارا حق نہ مليا آهن. جمهوريت ۽ اڪثريت جي نالي ۾ ننڍن صوبن ۽ خاص طور سنڌ جو استحصال ڪيو ويو آهي. سنڌ سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڏيندڙ صوبوآهن پر اتي جي عوام سڀ کان بدحال زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. جتان تيل ۽ گئس نڪري ٿو، اتي جا ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جا لکين ماڻهو گئس جي بنيادي سهولت کان محروم آهن. پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي، روڊ ناهن، صحت جي سهولت ناهي، تعليم کان محروم رکيو ويو آهي. سنڌ جي عوام کي ترقي کان بلڪل محروم رکيو ويو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسين برابري واري جمهوريت چاهيون ٿا، جنهن ۾ برابري وارا حق هجن، وسيلن تي اختيار هجي، نوڪرين ۾ پورو حق ملي، صحت، تعليم ۽ بنيادي سهولتون ملن. افسوس آهي جو اسان وٽ بنيادي حق صرف امير طبقي جا مڃيا وڃن ٿا. غربت ۽ بدحالي پورھيت عوام جو مقدر بنايو ويو آھي. ملڪ ۾ جمھوريت ۽ آئين جي بالادستي چاھيون ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا شاگرد ۽ نوجوان 18 سالن کان شديد احساس محرومي جو شڪار آھن. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ ساحر اياز لطيف پليجو، ايڊووڪيٽ سرباز اياز لطيف پليجو ۽ جوش اياز لطيف پليجو پڻ موجود هئا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شاھوڪار سنڌ جا ماڻهو اذيت واري
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے