English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جھرڪ ويجهو سنڌو درياءَ ۾ وهنجندي 4 معصوم ٻارڙا ٻڏي فوت، علائقي ۾ سوڳ جي لهر
109 views
|
15th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي) جھرڪ ويجهو سنڌو درياءَ ۾ وهنجندي 4 معصوم ٻارڙا ٻڏي فوت، علائقي ۾ سوڳ جي لهر جھرڪ ويجهو ڪچي واري علائقي ڪارو کئو ڀرسان افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جتي سنڌو درياءَ ۾ وهنجندي ڇهه معصوم ٻارڙا اوچتو اونهي پاڻي ۾ ٻڏي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ چار ٻارڙا حياتي وڃائي ويٺا، جڏهن ته ٻن ٻارڙين کي مقامي ڳوٺاڻن بچائي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي۔ واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڏک ۽ غم جي لهر پکڙجي وئي آهي ۽ ڳوٺ ۾ ڪهرام متل آهي۔ مليل ڄاڻ موجب جھرڪ ڀرسان ڳوٺ ڪارو کئو جي پنهور برادري سان تعلق رکندڙ ٻارڙا سنڌو درياءَ ۾ وهنجڻ لاءِ ويا هئا، جتي اوچتو پاڻي جي وهڪري ۽ اونهي هنڌ تي پهچڻ سبب ٻڏي ويا۔ اطلاع ملڻ تي مقامي ڳوٺاڻا ۽ مڇي مار فوري طور درياءَ ۾ لهي پيا ۽ ٻارڙن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران ٻن ٻارڙين عذره ۽ پرويزان کي زندهه حالت ۾ ٻاهر ڪڍي ورتو ويو، جن کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو۔ ٻڏي فوت ٿيندڙ معصوم ٻارڙن ۾ 13 ورهين جو اعجاز علي پنهور، 11 ورهين جي ساجده، 10 ورهين جي ڪشميره ۽ 9 ورهين جو قربان علي پنهور شامل آهن۔ مقامي ماڻهن وڏي محنت سان لاشن کي درياءَ مان ڪڍي گهرن ڏانهن منتقل ڪيو، جتي سندن گهرن ۾ ماتم ڇانيل آهي۔ واقعي بعد يوسي صوف شورو جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ سبز علي ڇٽو ۾ سوڳ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، جڏهن ته جھرڪ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به غم ۽ افسوس جي لهر پکڙجي وئي آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جھرڪ ويجهو سنڌو درياءَ ۾ وهنجندي
0 تبصرے