English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ ڀينرن جو ڀائرن خلاف احتجاج
99 views
|
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ڳوٺ ڪوڙي جا ڀاڻ واسڻ سائقه ۽ سعيد سولنگي احتجاج ڪيو
نوشهروفيروز(ڊ ر)ڀائرن جي مبينا ظلمن خلاف ڀينرن جو احتجاج، انصاف جي اپيلجان کان مارڻ جون ڌمڪيون ۽ جائيداد کان محروم رکڻ جي شڪايتون خبر موجب ضلعي نوشهروفيروز جي ڀرسان ڳوٺ ڪوڙا جا ڀان جون رهواسي ٻن ڀينرون نڳن ڀائرن جي مبينا ظلمن ۽ زيادتي خلاف احتجاج ڪندي انصاف جي اپيل ڪئي آهي۔ متاثر عورتن سائقه ايياز سولنگي ۽ سعيده سولنگي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سندن نگا ڀائر ماسٽر اعجاز سولنگي، ابرار، ابراهيم، اقرار، نور محمد، جوگو ۽ دانش گهڻي عرصي کان کين هراسان ڪري رهيا آهن ۽ بار بار کين جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن۔ سائقه سولنگي ٻڌايو ته مٿن ۽ سندن ڀيڻ تي اڳ به جاني حملو ڪرايو ويو هو، ن جنهن ۾ هو زخمي ٿي چڪيون آهن۔ هنن چيو ته جيڪڏهن مستقبل ۾ ساڻن ڪو به ناخوشگوار واقعو پيش آيو ته ان جا ذميوار ماسٽر اعجاز سولنگي، فريده رياض سولنگي ۽ شاهده اسلم سولنگي هوندا۔ متاثر عورتن وڌيڪ چيو ته سندن نگيون ڀينرون فريده رياض سولنگي ۽ شاهده اسلم سولنگي به هن معاملي ۾ سندن خلاف بيٺل آهن ۽ کين لڳاتار ذهني اذيت ڏني پئي وڃي۔ سندن چوڻ موجب جوابدارن سندن مرحوم والد جي پينشن جي رقم تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي ۽ کين سندن جائز حصي واري جائيداد ڏيڻ کان انڪار ڪيو پيو وڃي۔ روئندي متاثر ڀينرن ٻڌايو ته کين مختلف طريقن سان ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو وڃي ٿو ۽ کين ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون به ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون۔ هنن جو چوڻ هو ته هو گهڻي عرصي کان انصاف لاءِ مختلف در کڙڪائي رهيون آهن، پر اڃا تائين کين ڪو به رليف نه مليو آهي۔ احتجاج دوران متاثر ڀينرن ايس ايس پي نوشهرو فيروز، آءِ جي سنڌ ۽ وزيراعليٰ سنڌ کان مطالبو ڪيو ته کين فوري تحفظ فراهم ڪيو وڃي، واقعي جو نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ کين سندن قانوني حق ڏياريو وڃي ته جيئن هو عزت ۽ سڪون سان پنهنجي زندگي گذاري سگهن۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز ۾ ڀينرن جو ڀائرن
0 تبصرے